Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 20:7 - Sindhi Bible

7 تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 20:7
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اسحاق پنهنجي پٽ کي چيو تہ، اي منهنجا پٽ، اهو توکي اهڙو جلد ڪيئن هٿ آيو؟ هن چيو تہ خداوند تنهنجي خدا منهنجي مدد ڪئي.


تنهنڪري هاڻي هن کي بيگناهہ نہ ڄاڻج، ڇالاءِ جو تون ڏاهو ماڻهو آهين؛ ۽ تون پاڻيهي ڄاڻندين تہ هن سان ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ تون هن جو اڇو مٿو رت سان ڀري قبر ۾ وجهج.


پر خدا جي مرد اليشع جي نوڪر جيحازيءَ چيو تہ ڏس، منهنجي ڌڻيءَ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو، جو جيڪي هن آندو هو سو انهيءَ جي هٿان نہ ورتائين: خداوند جيئري جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙندس ۽ هن کان ڪي ڪجهہ وٺندس.


ڇو تہ اهي لچائيءَ سان تنهنجي برخلاف ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ تنهنجا دشمن تنهنجو نالو اجايو ٿا وٺن.


تہ متان آءٌ ڍائجي پوان ۽ توکان منڪر ٿيان، ۽ چوان تہ خداوند ڪير آهي؟ يا متان آءٌ غريب ٿي پوان ۽ چوري ڪريان، ۽ پنهنجي خدا جي نالي جي بي ادبي ڪريان.


پر هاڻي وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي ادبي ڪري اوهان مان هر ڪنهن، جنهن پنهنجو ٻانهون ۽ پنهنجي ٻانهي خوشيءَ سان آزادي ڪري ڇڏي هئي، تنهن انهن کي موٽائي آندو؛ ۽ اوهان انهن کي وري آڻي پنهنجو تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون بنايو.


۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجو پاڪ نالو مشهور ڪندس؛ ۽ وري اڳتي آءٌ پنهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪرڻ نہ ڏيندس: ۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.


اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


پر آئون خدا کي پنهنجيءَ جان تي شاهد ڪري ٿو سڏيان، تہ اوهان تي ڪهل ڪرڻ جي سانگي آئون ڪرنٿيس ۾ نہ آيس.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ رڳو انهي جي عبادت ڪج؛ ۽ انهي سان قائم رهج؛ ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ: ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي، تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


تون خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج؛ ۽ انهي جي عبادت ڪج، ۽ انهي جي نالي جو قسم کڻج.


پر اي منهنجا ڀائرو، سڀ کان وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو، نہ زمين جو، نہ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو؛ پر اوهان جي ها، ها هئڻ کپي؛ ۽ اوهان جي نہ، نہ؛ تہ اوهين سزاوار نہ ٿيو.


تنهنڪري هاڻي آءٌ اوهان کي عرض ٿي ڪريان تہ اوهين انهيءَ خدا جو مون سان قسم کڻو، تہ جڏهن مون اوهان کي مهرباني ڏيکاري آهي، تڏهن اوهين بہ منهنجي اباڻي گهر تي مهربان ٿيندا، ۽ مون کي ڪا سچي نشاني ڏيندا:


تڏهن هنن ماڻهن کيس چيو تہ هي جيڪو قسم تو اسان کي کڻايو آهي تنهن جو اسان تي ڏوهہ نہ پوندو.


هيترو سو اسين ساڻن ڪنداسين، اسين هنن کي جيئدان ڏينداسين، تہ متان هنن سان قسم کڻڻ جي ڪري اسان تي غضب نازل ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ