Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:5 - Sindhi Bible

5 انهيءَ وقت فرعون جي ڌيءَ درياهہ تي وهنجڻ آئي، ۽ سندس ٻانهيون درياهہ جي ڪناري تي گهمڻ لڳيون؛ ۽ هن ٻوڙن ۾ اهو کارو ڏٺو ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي موڪليائين تہ اهو کڻي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ان وقت فرعون جي ڌيءَ درياءَ تي وهنجڻ آئي. سندس ٻانهيون درياءَ جي ڪناري تي گھمڻ لڳيون. اوچتو فرعون جي ڌيءَ جي نظر انهيءَ ٽوڪري تي پيئي. هن پنهنجي ٻانهيءَ کي موڪليو تہ اهو کڻي اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڪانگ صبح جو هن کي ماني ۽ گوشت، ۽ شام جو بہ ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا؛ ۽ هو نهر مان پاڻي پيئندو هو.


خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.


بيشڪ انسان جو غضب تنهنجي تعريف جو سبب ٿيندو؛ ۽ باقي رهيل غضب سان تون پنهنجي ڪمر ٻڌندين.


خداوند مظلومن جي لاءِ اوچو ٺلهہ، ۽ مصيبت جي وقت انهن جو قلعو ٿيندو؛


۽ جڏهن هن اهو کوليو، تڏهن ٻار ڏٺائين ۽ ڏسو، ٻار روئڻ لڳو. تنهن تي هن کي مٿس ڪهل آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي.


هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ صبح جو سوير اُٿي فرعون جي لاءِ ترسي بيهہ ۽ ڏس، جڏهن هو تڙ تي اچي تڏهن چوينس تہ خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


۽ خداوند هڪڙي وڏي مڇي تيار ڪئي جا يوناہ کي ڳهي ويئي، ۽ يوناہ انهي مڇيءَ جي پيٽ ۾ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون پيو هو.


۽ خداوند مڇيءَ کي حڪم ڏنو ۽ انهيءَ اُلٽي ڪري يوناہ کي سڪيءَ زمين تي اُڇلائي وڌو.


۽ جڏهن اُنهي کي ٻاهر اُڇلايائون، تڏهن فرعون جي ڌيءَ کڻي ورتس، ۽ پنهنجو پٽ ڪري پاليائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ