Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:3 - Sindhi Bible

3 پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگهي، تڏهن انهيءَ جي لاءِ ڪانن جو هڪڙو کارو کڻي، انهيءَ کي چيڪي مٽي ۽ ڏامر لڳايائين؛ پوءِ اهو ٻار انهي ۾ رکي، اهو کارو درياهہ جي ڪپ تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر جڏهن کيس وڌيڪ لڪائي نہ سگھي، تڏهن ڪانن جو هڪڙو ٽوڪرو ٺاهيائين جنهن کي رال ۽ ڏامر لڳائي ٻار کي انهيءَ ۾ رکي اهو درياءَ جي ڪناري تي ٻوڙن ۾ رکي ڇڏيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اتي هو هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اچو تہ سرون ٺاهي انهن کي باهہ ۾ پچايون. سو انهن پهڻن جي بدران سرون، ۽ چن جي بدران گارو ڪم ۾ آندو.


هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.


تون ديال جي ڪاٺ مان پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻيڙي ٺاهہ، ۽ انهيءَ ٻيڙيءَ ۾ ڌار ڌار ڪوٺيون ٺاهہ، ۽ ٻيڙيءَ کي اندران ۽ ٻاهران رال لڳاءِ.


پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.


جو سمنڊ جي رستي ايلچي ٿو موڪلي، يعني پاڻي تي هلندڙن ڪانن جي جهازن ۾، ۽ انهن کي چوي ٿو تہ اي تکا قاصد، اوهين زوراور ۽ خوبصورت قوم ڏي وڃو، انهيءَ قوم ڏي، جا شروع کان وٺي برابر خوفناڪ رهندي آئي آهي؛ جا قوم زبردست ۽ فتحياب آهي، جنهن جي زمين کي نديون ورهائين ٿيون!


۽ نديون خراب بانس ڪنديون؛ مصر جون نهرون لهي لهي سڪي وينديون: ڪانا ۽ سر سڙي ويندا.


۽ رڃ بدلجي ڍنڍ ٿي پوندي، ۽ اُڃايل زمين پاڻيءَ جا چشما ٿيندي، ۽ گدڙن جي سمهڻ جي جاءِ ۾ گاهہ سان گڏ ڪانا ۽ ڪنگور اُڀرندا.


هاڻي جڏهن هو روانا ٿيا، تڏهن ڏسو، خدا جي هڪڙي ملائڪ يوسف کي خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ اُٿ ۽ هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ملڪ ۾ ڀڄي وڃ ۽ اُتي ئي رهجانءِ، جيسين ڪ آئون توکي چوان: ڇالاءِ جو هيروديس انهي ننڍي ٻار کي ماري کپائڻ لاءِ اُن جي ڳولا ڪندو.


پوءِ جڏهن هيروديس ڏٺو تہ مجوسين مون سان ٺڳي ڪئي آهي تڏهن ڏاڍو اچي ڪاوڙيو، ۽ انهن مجوسين کان جو وقت پڇي پڪو ڪري ڇڏيو هئائين، تنهن موجب بيت الحم ۾ ۽ ان جي آس پاس وارين حدن ۾، جيڪي ڇوڪر ٻن ورهين جا ۽ انهي کان ننڍا هئا، تن سڀني کي ماڻهو موڪلي مارائي ڇڏيائين.


تنهن اسان جي قوم سان ڊوهہ ڪري، اسان جي ابن ڏاڏن سان اهڙي بري هلت ڪئي، جو هنن کي پنهنجا ٻار ٻاهر اُڇلائي ڇڏڻا پيا، تہ جيئرا نہ رهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ