Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:24 - Sindhi Bible

24 ۽ خدا هنن جون دانهون ٻڌيون، ۽ خدا جيڪو عهد، ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان ڪيو هو، سو ياد ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 تڏهن خدا سندن دانهون ٻڌي پنهنجي انهيءَ عهد کي ياد ڪيو، جيڪو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان ٻڌو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:24
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ابرام کي چيو تہ اها پڪ ڄاڻ تہ تنهنجو اولاد اهڙي ملڪ ۾ پرديسي ٿيندو جو سندن نہ آهي، ۽ اتي جي ماڻهن جي غلامي ڪندو، ۽ اهي چئن صدين تائين کين تڪليف ڏيندا.


۽ خداوند جي فرشتي چيو تہ ڏس تون حاملہ آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ: ۽ انهيءَ جو نالو اسماعيل رکج؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي.


آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.


ابرهام مان تہ ضرور هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ٿيندي، ۽ زمين جي سڀني قومن کي هن جي وسيلي برڪت ملندي:


انهيءَ لاءِ تہ تو هي ڪم ڪيو ۽ پنهنجو پٽ، پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجهي نہ رکيو، تنهنڪري مون پنهنجو قسم کنيو آهي تہ


۽ خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مصر ڏانهن نہ وڃ، پر جنهن ملڪ بابت آءٌ توکي چوان تنهن ۾ رهہ.


۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس.


تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.


۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.


۽ خدا چيس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان: تون ڦلدار ٿيءُ ۽ وڌ، تو مان هڪڙي قوم بلڪ گهڻيون قومون پيدا ٿينديون، ۽ تنهنجي نسل مان بادشاهہ نڪرندا.


۽ جيڪو ملڪ مون ابرهام ۽ اسحاق کي ڏنو هو، سو آءٌ توکي ڏيندس، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد کي اهو ملڪ ڏيندس،


پوءِ خدا نوح کي، ۽ جيڪي ساهوارا ۽ ڍور ساڻس گڏ ٻيڙيءَ ۾ هئا، تن کي ياد ڪيو، ۽ خدا زمين تي واءُ آندو ۽ پاڻي گهٽجي ويو.


پر خداوند هنن تي مهربان هو ۽ مٿن رحم ڪيائين، ۽ سندن لحاظ رکيائين، جو ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب سان عهد اقرار ڪيو هئائين، ۽ هنن کي چٽ ڪرڻ نٿي گهريائين ۽ نہ اڃا تائين هنن کي پنهنجي حضور مان پاسي ڪري ڇڏيائين.


منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ: ۽ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي: جڏهن آءٌ توکي پڪاريان، تڏهن مون کي جلد جواب ڏي.


تہ قيدين جون آهون ٻڌي؛ ۽ جيڪي موت جي منهن ۾ آهن تن کي ڇڏائي.


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڪ قول پنهنجي بندي ابرهام سان ڪيو هئائين، تنهن کي ياد ڪيائين.


۽ انهن جي لاءِ پنهنجي عهد کي ياد ڪيائين. ۽ پنهنجي بيحد رحم جي ڪري پنهنجو ارادو ڦيرايائين.


جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.


ڇالاءِ جو هن ڏکويل جي ڏک تي حقارت ۽ نفرت نہ ڪئي؛ ۽ نڪي اُنهيءَ کان پنهنجو منهن لڪايائين؛ پر جڏهن هن کيس پڪاريو تڏهن اُنهيءَ جي ٻڌائين.


اُنهن توکي دانهن ڏني، ۽ ڇوٽڪارو ملين: اُنهن توتي ڀروسو رکيو، ۽ ڦڪا نہ ٿيا.


ڀلي تہ قيدين جون آهون تنهنجي حضور ۾ پهچن؛ ۽ جن تي موت جو حڪم ٿيو آهي تن کي پنهنجيءَ عظيم قدرت سان بچائي وٺ؛


انهيءَ کان سواءِ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو آهي، ۽ مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.


پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:


تحقيق جيڪا منهنجي اُمت مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت ڏٺي اٿم، ۽ سنديس آهہ ٻُڌي اٿم، ۽ کيس ڇڏائڻ لاءِ لهي آيو آهيان: ۽ هاڻي اچ، آئون توکي مصر ۾ موڪليندس.


۽ جڏهن خداوند هنن جي لاءِ قاضي اُٿاريا، تڏهن خداوند قاضيءَ سان هوندو هو، ۽ قاضيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن مان بچائيندو رهندو هو: ڇالاءِ جو مٿن ظلم ڪندڙن، ۽ کين تڪليف ڏيندڙن جي ڪري هو دانهون ڪندا هئا، تنهنڪري خداوند کي مٿن قياس آيو.


سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ