Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:23 - Sindhi Bible

23 ۽ ڳچ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جو بادشاهہ مري ويو، ۽ بني اسرائيل غلاميءَ جي ڪري آهون ڀرڻ ۽ روئڻ لڳا، ۽ هنن جو روئڻ، جو غلاميءَ جي مصيبت ڪري هو، سو خدا تائين پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 گھڻي عرصي گذرڻ کان پوءِ مصر جو اهو فرعون بادشاهہ مري ويو ۽ ٻيو فرعون بادشاهہ بڻيو. پر بني اسرائيل اڃا تائين غلاميءَ جي ڪري آهون ڀريندا ۽ روئندا ٿي رهيا. سندن روئڻ جيڪو غلاميءَ جي مصيبت جي ڪري هو، سو خدا تائين وڃي پهتو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:23
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند جي فرشتي چيو تہ ڏس تون حاملہ آهين ۽ پٽ ڄڻيندينءَ: ۽ انهيءَ جو نالو اسماعيل رکج؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي ڏک جي دانهن ٻڌي آهي.


تنهن تي خداوند چيس تہ تو هي ڇا ڪيو؟ تنهنجي ڀاءُ جو رت مون کي زمين مان پيو پڪاري.


۽ تو اسانجن ابن ڏاڏن جي مصيبت ڏٺي ۽ ڳاڙهي سمنڊ وٽ تو هنن جي دانهن ٻڌي؛


گهڻن ظلمن جي ڪري هو دانهون ٿا ڪن؛ ڏاڍي جي زبردستيءَ ڪري هو مدد لاءِ رڙيون ٿا ڪن.


اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجون دانهون تنهنجي حضور ۾ پهچن.


منهنجي مصيبت جي ڏينهن مون کان پنهنجو منهن نہ لڪاءِ: ۽ مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي: جڏهن آءٌ توکي پڪاريان، تڏهن مون کي جلد جواب ڏي.


خداوند چوي ٿو تہ غريبن جو لٽجڻ، ۽ محتاجن جي دانهن ڪري، هاڻي آءٌ اُٿندس؛ ۽ جنهن تي اهي ٺٺوليون ٿا ڪن، تنهن کي سلامت رکندس.


مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون.


۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.


۽ خداوند مديان ۾ موسيٰ کي چيو تہ موٽي مصر ۾ وڃ؛ ڇالاءِ تہ جن ماڻهن توکي مارڻ ٿي گهريو سي مري ويا آهن.


انهيءَ کان سواءِ مون بني اسرائيل جون دانهون ٻڌيون آهن، جن کي مصرين پنهنجي غلاميءَ ۾ رکيو آهي، ۽ مون پنهنجو عهد ياد ڪيو آهي.


پوءِ موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، پر انهن دل جي ڏک ۽ غلاميءَ جي ظلم ڪري موسيٰ جي ڳالهہ نہ مڃي.


جڏهن هنن فرعون سان گفتگو ڪئي، تڏهن موسيٰ اسي ورهين جو هو، ۽ هارون ٽياسي ورهين جو هو.


۽ اهو مصر جي زمين ۾ لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙو نشان، ۽ شاهديءَ جي لاءِ ٿيندو: ڇالاءِ جو ظالمن جي ظلم ڪري هو خداوند وٽ فرياد ڪندا، ۽ هو سندن لاءِ هڪڙو نجات ڏيندڙ ۽ بچائيندڙ موڪليندو.


ڇالاءِ جو لشڪرن جي خداوند جو ڊاک جو منهہ اسرائيل جو گهراڻو آهي، ۽ يهوداهہ جا ماڻهو انهيءَ جا وڻندڙ ٻوٽا آهن: ۽ هن انصاف جي اُميد رکي، پر ڏس ظلم؛ سچائيءَ جي اميد رکي، پر ڏس دانهن.


پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:


۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.


جنهن ڏينهن هو ڪمائي، انهي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ ۾ تون هن کي مزوري ڏج؛ ڇالاءِ جو هو غريب آهي، ۽ هن جي دل انهي ۾ لڳل آهي: متان هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.


ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن.


۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.


جڏهن يعقوب مصر ۾ آيو، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن خداوند وٽ دانهن ڪئي، تڏهن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، جن اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر مان ڪڍي آندو، ۽ انهن کي هن هنڌ آڻي وسايائين.


سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ