Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:21 - Sindhi Bible

21 پوءِ موسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي ڏني.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 پوءِ موسيٰ يٿرو جي گھر ۾ رهڻ لڳو. يٿرو پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي پرڻائي ڏني

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:21
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن ٻار وڏو ٿيو، تڏهن هوءَ کيس فرعون جي ڌيءَ وٽ وٺي آئي، ۽ اهو سندس پٽ ٿيو؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو موسيٰ رکيو، جو چيائين تہ مون هن کي پاڻيءَ مان ڪڍيو آهي.


تڏهن هن پنهنجين ڌيئرن کي چيو تہ اهو ماڻهو ڪٿي آهي، اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.


هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.


پوءِ موسيٰ موٽي پنهنجي سهري يتروءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي موڪل ڏي تہ آءٌ موٽي پنهنجن ڀائرن وٽ وڃان، جي مصر ۾ آهن، ۽ وڃي ڏسان تہ اڃا جيئرا آهن يا نہ. تڏهن يتروءَ موسيٰ کي چيو تہ سلامتيءَ سان وڃ.


۽ موسيٰ پنهنجي سهري رعوايل مديانيءَ جي پٽ حوباب کي چيو، تہ اسين انهي هنڌ ڏانهن ٿا وڃون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس، سو تون اسان سان هل، ۽ اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل سان ڀلائي ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي.


هاڻي موسيٰ هڪڙي ڪوشي زال سان شادي ڪئي هئي، تنهنڪري مريم ۽ هارون هن جي برخلاف ڳالهائڻ لڳا، ڇو تہ هن ڪوشيءَ زال سان شادي ڪئي هئي.


۽ موسيٰ ايترو ٻُڌي اُٿي ڀڳو، ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهڻ لڳو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.


پر دينداريءَ سان گڏ جيڪڏهن قناعت بہ هوندي تہ انهي ۾ وڏو فائدو آهي:


هن ڪري جو هن ٿوري وقت تائين گناهہ جي خوشين ماڻڻ جي بدران، خدا جي اُمت سان ڏک سهڻ زيادہ پسند ڪيو؛


پيسي جي پيار کان اوهين آزاد رهو؛ جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو: ڇالاءِ جو هن پاڻ چيو آهي تہ ”آئون توکي ڪنهن بہ طرح ڇڏي ڪين ڏيندس، نڪي آئون ڪڏهن توکي وساريندس.“


۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ