Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:20 - Sindhi Bible

20 تڏهن هن پنهنجين ڌيئرن کي چيو تہ اهو ماڻهو ڪٿي آهي، اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 تڏهن هن پنهنجي ڌيئرن کي چيو تہ ”اهو ماڻهو ڪٿي آهي؟ اوهين ڇو انهيءَ کي ڇڏي آيون آهيو؟ سڏي اچوس تہ ماني کائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:20
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ مانيءَ ٽڪر کڻي ٿو اچان، سو کائي آرام ڪريو، ۽ پوءِ هليا وڃجو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ لاءِ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو. تڏهن هنن چيس تہ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڀلي ڪر.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي، تڏهن کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائين، ۽ پنهنجي گهر وٺي آيس. ۽ هن لابن کي سمورو حال ٻڌايو.


پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي، ۽ پنهنجن ڀائرن کي ماني کائڻ لاءِ سڏيائين: ۽ هنن ماني کاڌي ۽ سڄي رات انهيءَ جبل تي گذاريائون.


پوءِ هنن اها سوکڙي تيار ڪري رکي تہ ٻنپهرن جو جڏهن يوسف اچي تڏهن ڏيونس، ڇو تہ ٻڌو هئائون تہ اسان جي ماني هتي آهي.


پرديسي گهٽيءَ ۾ نہ ٽڪيو؛ پر مون پنهنجا در پٽي مسافر کي اندر آندو؛


تڏهن سندس سڀ ڀائر ۽ اهي سڀ ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي ۽ جن سندس گهر ۾ ساڻس ماني کاڌي هئي، سي وٽس آيا ۽ وٽس اچي افسوس ظاهر ڪيائون ۽ جيڪا بہ مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن جي نسبت ۾ کيس تسلي ڏنائون: هر هڪ ماڻهوءَ هن کي هڪڙو سڪو بہ ڏنو ۽ هر هڪ هڪڙي سوني منڊي بہ ڏنيس.


هنن چيو تہ هڪڙي مصريءَ اسان کي ڌنارن جي هٿان ڇڏايو، ۽ وري اسان جي لاءِ پاڻي ڪڍي ڌڻ کي پياريائين.


پوءِ موسيٰ انهيءَ ماڻهوءَ جي گهر ۾ رهڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ هن پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي ڏني.


جا چڱن ڪمن جي ڪري مشهور هجي؛ ٻارن کي پاليو هجيس، مسافرن جي مهمان نوازي ڪئي هجيس، پاڪ ٿيلن جا پير ڌوتا هجنس، ڏکويلن جي مدد ڪئي هجيس، سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سعيي سان لڳي هجي.


مهمان نوازي ڪرڻ کان غافل نہ رهو؛ ڇالاءِ جو انهي ڪري ڪن بي خبريءَ ۾ ملائڪن جي مهمانداري ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ