Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 2:14 - Sindhi Bible

14 هن چيو تہ ڪنهن توکي اسان جي مٿان سردار يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي بہ انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟ تنهن تي موسيٰ ڊنو، ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هن چيس تہ ”ڪنهن تو کي اسان جي مٿان حاڪم يا منصف مقرر ڪيو آهي؟ تون مون کي انهيءَ مصريءَ وانگر مارڻ ٿو چاهين ڇا؟“ اهو ٻڌي موسيٰ ڊڄي ويو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”ضرور اها ڳالهہ ظاهر ٿي چڪي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 2:14
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون.


تڏهن هنن چيس تہ پري ٿي بيهہ. پوءِ هو چوڻ لڳا تہ هي پرديسي، جو هتي گذران ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو هاڻي حڪومت ٿو هلائي؛ هاڻي اسين تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين. پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ، يعني لوط کي، ڌڪا ڏيڻ لڳا ۽ در ڀڃڻ تي هئا،


يعقوب جي پٽن، انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ سندن شهر بہ ڦريو: ڇالاءِ جو انهن سندن ڀيڻ جي آبرو ورتي هئي.


بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي؛ پر هن جي مهرباني اهڙي آهي جهڙي گاهہ تي ماڪ.


ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو.


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟


اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟


۽ جڏهن هو هيڪل ۾ آيو ۽ تعليم ڏيڻ لڳو، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ اُمت جي بزرگن وٽس اچي چيو تہ تون اهي ڪم ڪهڙيءَ اختياريءَ سان ٿو ڪرين؟ ۽ ڪنهن توکي اها اختياري ڏني آهي؟


پر هن چيس، تہ اي ادا، مون کي اوهان جي مٿان منصف يا امين ڪنهن ٺهرايو آهي؟


پر سندس شهر جي ماڻهن جي ساڻس نٿي پيئي، تن پٺيانئس ايلچي ڏياري موڪليا، تہ اسان جي مرضي نہ آهي تہ ڪو هيءُ ماڻهو اسان تي بادشاهي ڪري.


ٻيو تہ منهنجا اُهي دشمن، جن جي مرضي نہ هئي تہ آئون مٿن بادشاهي ڪريان، تن کي هتي وٺي اچو، ۽ منهنجي سامهون انهن کي قتل ڪريو.


اُهوئي موسيٰ، جنهن کي هنن قبول نہ ڪيو، پر چيائونس تہ ڪنهن توکي حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪيو آهي، تنهن کي ئي خدا حاڪم ۽ ڇوٽڪارو ڏيڻ وارو ٺهرائي، انهي ملائڪ جي وسيلي موڪليو، جنهن هن کي ٻوٽي ۾ ڏيکاري ڏني هئي.


ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ