Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 19:9 - Sindhi Bible

9 ۽ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گهاٽي ڪڪر ۾ ٿو اچان، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن آءٌ تو سان ڳالهايان، تڏهن ماڻهو اهو ٻڌن، ۽ هميشہ تو تي اعتبار ڪندا رهن. ۽ ماڻهن جيڪي چيو، سو موسيٰ خداوند کي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اتي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ تو وٽ هڪڙي گھاٽي ڪڪر ۾ ايندس، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو مون کي تو سان ڳالهيون ڪندي ٻڌن ۽ سدائين تو تي اعتبار ڪندا رهن.“ تڏهن موسيٰ ماڻهن جون ڳالهيون خداوند کي ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 19:9
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن سليمان چيو تہ خداوند فرمايو آهي تہ آءٌ گهاٽي اونداهيءَ ۾ رهندس.


۽ هو صبح جو سوير اُٿي تقوع جي بيابان ڏي ويا: ۽ جيئن هو نڪري پئي ويا تيئن يهوسفط بيهي چيو تہ اي يهوداہ ۽ اي يروشلم جا رهاڪو، منهنجي ٻڌو؛ خداوند پنهنجي خدا تي ايمان آڻيو تہ اوهين قائم ٿيو؛ هن جي نبين جي ڳالهہ مڃو تہ اوهين اقبالمند ٿيو.


تڏهن سليمان چوڻ لڳو تہ خداوند فرمايو آهي تہ آءٌ گهاٽي اونداهيءَ ۾ رهندس.


هن جي چوڌاري ڪڪر ۽ اونداهي آهي: ۽ سندس تخت راستيءَ ۽ انصاف تي بيٺل آهي.


هن ڪڪر جي ٿنڀ مان انهن سان ڳالهايو: ۽ جيڪي شاهديون ۽ قانون کين ڏنائين تن کي هنن مڃيو.


اهو وڏو معجزو، جو خداوند مصرين تي ڪيو، سو اسرائيل ڏٺو ۽ ماڻهو خداوند کان ڊنا؛ ۽ هنن خداوند تي، ۽ سندس ٻانهي موسيٰ تي ايمان آندو.


۽ ٽئين ڏينهن صبح جو بجلي چمڪڻ ۽ گجگوڙ ٿيڻ لڳي، ۽ هڪڙو گهاٽو ڪڪر جبل جي مٿان آيو، ۽ تريءَ جو تمام وڏو آواز ٿيو، اهڙو جو منزلگاهہ جا سڀيئي ماڻهو ڏڪي ويا.


تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.


۽ خداوند ڪڪر ۾ لهي آيو ۽ اچي اتي ساڻس گڏ بيٺو، ۽ خداوند جو نالو ظاهر ڪيائين.


تڏهن ماڻهن انهن تي ايمان آندو: وري جڏهن هنن ٻڌو تہ خداوند بني اسرائيل جي سار لڌي آهي، ۽ انهن جي مصيبت ڏٺي اٿس، تڏهن ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيائون.


هي انهيءَ لاءِ ٿيو تہ هو اعتبار ڪن تہ خداوند انهن جي ابن ڏاڏن جي خدا، ابرهام جي خدا، اسحاق جي خدا، ۽ يعقوب جي خدا توکي ڏيکاري ڏني آهي.


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


۽ افرائيم جي گاديءَ جو هنڌ سامريہ آهي، ۽ سامريہ جو سردار رملياہ جو پٽ آهي. جيڪڏهن اوهين ايمان نہ آڻيندا تہ ضرور اوهين بہ قائم نہ ٿيندا.


پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀ ۾ لٿو، ۽ تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو، ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين: ۽ اهي ٻئي آيا.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


۽ هڪڙي ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو فرزند آهي، سندس ٻڌو.


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين.


هن تو کي آسمان مان پنهنجو آواز ٻڌايو، انهي لاءِ تہ توکي تعليم ڏئي: ۽ هن تو کي زمين تي وڏي باهہ ڏيکاري؛ ۽ تو باهہ جي وچ مان هن جو ڪلام ٻڌو.


ڏسو، هو بادلن ۾ ٿو اچي؛ ۽ سڀڪا اک اُنهي کي ڏسندي، ۽ اُهي بہ ڏسندا جن هن کي چُڀائي ماريو؛ ۽ زمين جون سڀ قومون اُنهي لاءِ ماتم ڪنديون. بيشڪ. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ