Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 19:4 - Sindhi Bible

4 تہ اوهان ڏٺو آهي تہ مون مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڄڻ تہ اوهان کي عقاب جي کنڀن تي کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 ’اوهان ڏٺو تہ مون خداوند مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. جيئن ڪو عقاب پنهنجي ٻچي کي پرن تي کڻندو آهي، تيئن اوهان کي اتان کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 19:4
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي خداوند جا منتظر ٿا رهن، سي نئون زور حاصل ڪندا؛ اهي عقابن وانگي کنڀن سان چڙهندا؛ اهي ڊوڙندا ۽ ٿڪبا ڪين، اهي هلندا ۽ ماندا ڪين ٿيندا.


هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو.


جڏهن اسرائيل اڃا ٻار هو، تڏهن آءٌ هن کي پيار ڪندو هوس، ۽ پنهنجي پٽ کي مصر مان سڏيم.


جيئن مصر مان نڪرڻ وقت مون اوهان سان عهد اقرار ڪيو، ۽ منهنجو روح اوهان سان رهيو: اوهين ڊپ نہ ڪريو.


اسان سڀني جو هڪڙو ئي ابو ناهي ڇا؟ هڪڙي ئي خدا اسان سڀني کي نہ خلقيو آهي ڇا؟ پوءِ ڇو سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي عهد اقرار جي بي ادبي ٿو ڪري؟


خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي اڳيان ٿو هلي، سو ئي اوهان جي پاران جنگ ڪندو، جهڙيءَ طرح هن مصر ۾ اوهان جي اکين اڳيان هيترا سارا ڪم ڪيا؛


۽ بيابان ۾ بہ اوهان ڏٺو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي کڻي هلندو آهي، تيئن خداوند اوهان جو خدا، اوهان کي ساري رستي ۾ کڻي آيو، جيسين اوهين اچي هن هنڌ پهتا آهيو.


حورب ۾ خداوند جيڪو عهدنامو بني اسرائيل سان ڪيو هو، تنهن کان سواءِ موآب جي ملڪ ۾ انهن سان جيڪو عهد ڪرڻ لاءِ هن موسيٰ کي فرمايو، تنهن جون ڳالهيون هن ريت آهن.


موسيٰ سڀني اسرائيلين کي سڏي کين چيو، تہ جيڪي خداوند مصر جي ملڪ ۾ اوهانجين اکين اڳيان، فرعون سان، ۽ سندس سڀني نوڪرن سان، ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان جي خاطر هنن سڀني قومن سان ڪيو، سو سڀ اوهان ڏٺو آهي؛ ڇالاءِ جو اهو خداوند اوهان جو خدا آهي، جو اوهان جي پاران وڙهيو آهي.


۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ