Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 19:2 - Sindhi Bible

2 هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا، ۽ بيابان ۾ لهي پيا؛ ۽ اسرائيل اُتي، جبل جي سامهون، منزل ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا هئا ۽ اتي ئي جبل جي ڀرسان هنن پنهنجا تنبو کوڙيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 19:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.


پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون.


موسيٰ جو سهرو يترو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي انهي بيابان ۾ موسيٰ وٽ آيو، جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪري لٿو پيو هو.


هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


پوءِ هو رفيديم مان روانا ٿيا، ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي تنبو کوڙيائون.


۽ جڏهن چاليهہ ورهيہ پورا ٿيا، تڏهن سينا جبل جي رڻ پٽ ۾ هڪڙي ٻوٽي ۾ باهہ جي مچ منجهہ ملائڪ هن کي ڏيکاري ڏني.


هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي:


انهن ڳالهين ۾ هڪڙو مثال آهي: ڇالاءِ جو اهي زالون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن؛ هڪڙو سينا جبل وارو، جنهنڪري غلام ئي پيدا ٿا ٿين، ۽ اُها آهي هاجرہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ