Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 19:1 - Sindhi Bible

1 جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري ٽئين مهيني جي پهرئين ڏينهن تي سينا جي بيابان ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 19:1
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو ايليم مان روانا ٿيا، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان ۾ آئي، جو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي: ۽ مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ هو اتي پهتا.


۽ اوهين هن کي انهيءَ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ تائين رکي ڇڏجو: پوءِ اسرائيلين جي ساري جماعت شام جي وقت انهيءَ کي ذبح ڪري.


پوءِ هو رفيديم مان روانا ٿيا، ۽ سينا جي بيابان ۾ اچي تنبو کوڙيائون.


هي مهينو اوهان جي لاءِ مهينن جو شروع، ۽ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


تون پهرين تاريخ جماعت واري تنبوءَ ۾ عبادت جو خيمو کڙو ڪج.


۽ خداوند سينا جي بيابان ۾ موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


خداوند اسان جي خدا، حورب ۾ اسان سان ڳالهايو، ۽ چيائين تہ، اوهين هن جبل تي گهڻو رهيا آهيو:


خاص ڪري انهي ڏينهن واريون ڳالهيون، جنهن ڏينهن تون حورب جبل وٽ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بيٺين، ۽ جڏهن خداوند مون کي فرمايو، تہ اُمت کي منهنجي حضور ۾ آڻي گڏ ڪر، تہ آءٌ انهن کي پنهنجو ڪلام ٻڌايان؛ انهي لاءِ تہ جيترا ڏينهن هو زمين تي جيئرا رهن اوترا ڏينهن مون کان ڊڄڻ سکن، ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ سيکارين.


تنهنڪري اوهين پنهنجي چڱي سنڀال ڪجو؛ ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن خداوند حورب وٽ باهہ جي وچ مان اوهان سان ڳالهايو؛ تنهن ڏينهن اوهان ڪنهن بہ قسم جي شڪل ڪانہ ڏٺي:


خداوند اسان جي خدا حورب ۾ اسان سان هڪڙو عهد ڪيو.


انهي طرح مون هنن کي مصر مان ڪڍي ٻاهر بيابان ۾ آندو.


جڏهن بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تڏهن ٻئي ورهيہ جي ٻئي مهيني جي پهرينءَ تاريخ، سينا جي بيابان ۾، جماعت واري تنبوءَ ۾، خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ بني اسرائيل سينا جي بيابان مان ڪوچ ڪري پنهنجي سفر تي نڪتا؛ ۽ ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ