Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:8 - Sindhi Bible

8 ۽ موسيٰ سارو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند اسرائيل جي خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو، ۽ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون، ۽ ڪيئن خدا کين بچايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 موسيٰ سمورو احوال پنهنجي سهري کي ٻڌايو تہ خداوند بني اسرائيل خاطر، فرعون ۽ مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. هن کيس اهو بہ ٻڌايو تہ رستي ۾ مٿن ڪهڙيون ڪهڙيون مصيبتون آيون ۽ ڪيئن خداوند کين بچايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:8
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڇوڪر مون سان نہ هوندو تہ آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي پيءُ وٽ ويندس؟ متان جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي اچي سا مون کي ڏسڻي پوي.


تنهنڪري هاڻي، اي اسان جا خدا، عظمت، ۽ طاقت ۽ هيبت وارا خدا، جو عهد اقرار ۽ رحم قائم رکندو اچين، سو هيءَ جيڪا مصيبت اسان تي، ۽ اسانجن بادشاهن تي، ۽ اسانجن اميرن تي، ۽ اسانجن ڪاهنن تي، ۽ اسانجن نبين تي، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن تي، ۽ تنهنجي سڄيءَ قوم تي، اسور جي بادشاهن جي وقت کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آئي آهي، سا تنهنجي اڳيان ٿوري نظر نہ اچي.


هن انهن کي عداوت رکڻ واري جي هٿان بچايو، ۽ کين دشمن جي هٿان ڇڏايائين.


پر تڏهن بہ هن کين پنهنجي نالي جي خاطر بچايو، تہ پنهنجي وڏي قدرت ظاهر ڪري.


جن کي خداوند ڇوٽڪارو ڏنو آهي سي بہ ائين چون، ڇو جو انهن کي دشمن جي هٿان ڇڏايو اٿس؛


اوهين سڀيئي جن کي خدا جو ڊپ آهي سي اچي ٻڌو؛ جيڪي هن منهنجيءَ جان لاءِ ڪيو آهي تنهن جو آءٌ بيان ڪندس.


تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم.


خوف ۽ ڊپ انهن تي پيو آهي؛ تنهنجي هٿ جي بزرگيءَ ڪري هو پهڻ وانگي سڪوت ۾ آهن، جيسين ڪ اي خداوند تنهنجي اُمت لنگهي وڃي، جنهن کي تو خريد ڪيو آهي.


اي خداوند، تنهنجو ساڄو هٿ طاقت ۾ مشهور آهي. اي خداوند تنهنجي ساڄي هٿ دشمن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي.


۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.


موسيٰ جي سهري يترو، جو مديان جو ڪاهن هو، تنهن جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تہ خدا موسيٰ لاءِ، ۽ پنهنجي اُمت اسرائيل لاءِ ڇا ڇا ڪيو آهي، ۽ ڪيئن خداوند اسرائيل کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو:


۽ خدا بني اسرائيل تي نظر ڪئي ۽ سندن سار لڌائين.


ڇالاءِ جو منهنجو فرشتو تنهنجي اڳيان هلندو ۽ توکي امورين، حتين، فريزين، ڪنعانين، حوين ۽ يبوسين ۾ وٺي ويندو، ۽ آءٌ انهن کي تباهہ ڪندس.


سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.


پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


پوءِ موسيٰ قادس مان ادوم جي بادشاهہ کي ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو، تہ تنهنجو ڀاءُ اسرائيل هيئن ٿو چوي، تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي توکي خبر آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ