Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جهڪي نياز سان هن کي چميائين، ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي خير عافيت پڇي. پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري جي استقبال لاءِ ٻاهر نڪتو ۽ جھڪي نياز سان هن کي چميائين. ٻنهي هڪٻئي جي خيرعافيت پڇي، پوءِ هو گڏجي تنبوءَ ۾ آيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:7
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو.


۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين،


پوءِ اهي ٻئي فرشتا شام جي وقت سدوم ۾ آيا ۽ لوط سدوم جي منڊيءَ ۾ ويٺو هو؛ جڏهن لوط هنن کي ڏٺو، تڏهن کين گڏجڻ لاءِ اُٿيو ۽ جهڪي سجدو ڪيائين؛


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن لابن پنهنجي ڀاڻيجي يعقوب جي خبر ٻڌي، تڏهن کيس گڏجڻ لاءِ ڊوڙيو، ۽ کيس ڀاڪر پائي چميائين، ۽ پنهنجي گهر وٺي آيس. ۽ هن لابن کي سمورو حال ٻڌايو.


نڪي تو ايترو ڪيو جو آءٌ پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي چُمي کانئن موڪلايان؛ هاڻي تو اهو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي.


پوءِ جڏهن يوسف گهر ۾ آيو، تڏهن اها سوکڙي، جا هٿ ۾ هين، سا وٽس کڻي آيا، ۽ زمين تائين جهڪي سجدو ڪيائونس.


۽ هن پنهنجن سڀني ڀائرن کي چُميو ۽ ساڻن رنائين: تنهن کان پوءِ سندس ڀائر ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لڳا.


۽ يوسف پنهنجي گاڏي تيار ڪري، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي استقبال لاءِ جشن ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس ڀاڪر پائي ڳچ دير تائين پئي رنائين.


۽ جڏهن اورياہ دائود وٽ آيو تڏهن هن پڇيس تہ يوآب ڪيئن آهي، ۽ ماڻهن جو ڪهڙو حال آهي، ۽ جنگ ڪيئن پئي هلي.


تنهنڪري بت سبع بادشاهہ سليمان وٽ ادونياہ جي لاءِ ڳالهہ ڪرڻ ويئي. ۽ بادشاهہ هن جي استقبال لاءِ سندس اڳيان اُٿي بيٺو، ۽ ڪنڌ جهڪايائين، پوءِ پنهنجي تخت تي ويٺو، ۽ بادشاهہ پنهنجي ماءُ جي لاءِ ٻيو هڪڙو تخت رکايو؛ ۽ هوءَ سندس سڄي هٿ پاسي ويٺي.


پٽ کي چُمو، متان هو غصي ٿئي، ۽ اوهين واٽ ۾ ئي نابود ٿي وڃو، ڇو تہ هن جي ڪاوڙ جلد ڀڙڪو کائيندي. مبارڪ آهن اهي سڀيئي، جن جو ڀروسو هن تي آهي.


۽ ڪنهن موسيٰ کي چيو تہ ڏس تنهنجو سهرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجن پٽن سميت تو وٽ آيو آهي.


پوءِ موسيٰ تنبو کڻي منزلگاهہ کان ٻاهر پرڀرو وڃي کوڙيو؛ ۽ انهي جو نالو جماعت وارو تنبو رکيائين. ۽ هيئن ٿيو تہ جيڪو ماڻهو خداوند جو ڳولائو هو، سو انهي تنبوءَ ڏانهن ويندو هو، جو منزلگاهہ کان ٻاهر هو.


۽ خداوند هارون کي چيو تہ بيابان ۾ وڃي موسيٰ کي گڏج. سو هو ويو ۽ خدا جي جبل تي وڃي کيس گڏيو ۽ چميائينس.


۽ جڏهن بلق ٻڌو تہ بلعام آيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ موآب جي انهي شهر تائين ويو، جو ارنون جي حد تي، هن جي سرحد جي ڏورانهين ڀاڱي ۾ آهي.


تو مون کي چُميو بہ ڪين، پر جيئن آئون آيو آهيان، تيئن هن منهنجن پيرن چُمڻ کان بس ئي نہ ڪئي آهي.


۽ هنن سڀني زار زار رُنو ۽ پولس کي ڀاڪر پائي چُميائونس،


اتي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻُڌو؛ ۽ اسان کي گڏجڻ لاءِ اپيوس جي چونڪ ۾ ٽن سراين تائين آيا؛ جن کي ڏسي پولس خدا جو شڪر ڪيو، ۽ خاطر جمع ٿيس.


پوءِ افتاح مصفاہ ۾ پنهنجي گهر آيو، ۽ ڏسي تہ سندس ڌيءَ دف وڄائيندي ناچ ڪندي سندس استقبال لاءِ ٿي اچي؛ ۽ اُها هن جي هڪڙي ئي ڌيءَ هئي، ۽ ڪوبہ ٻيو اولاد ڪونہ هوس، نڪو پٽ نڪا ڌيءَ.


۽ هي پنير جون ڏهہ ٽڪيون انهن جي هزار جي سردار کي ڏيئي اچ، ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، ۽ انهن جي ڪا نشاني وٺي اچج.


۽ دائود پنهنجو سامان لشڪر جي سامان جي نگهبان جي هٿن ۾ ڏيئي، ڊوڙي لشڪر ۾ ويو ۽ پنهنجن ڀائرن کي سلام ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ