Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:5 - Sindhi Bible

5 موسيٰ جو سهرو يترو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي انهي بيابان ۾ موسيٰ وٽ آيو، جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪري لٿو پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 موسيٰ جو سهرو يٿرو، موسيٰ جي زال ۽ پٽن کي ساڻ وٺي موسيٰ وٽ انهيءَ بيابان ۾ آيو جتي هو خدا جي جبل وٽ منزل ڪيو لٿو پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن اُٿي ويهي کاڌو ۽ پيتو، ۽ اُنهيءَ کاڌي جي زور تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خدا جي جبل حورب تائين هليو.


۽ ڪنهن موسيٰ کي چيو تہ ڏس تنهنجو سهرو تنهنجيءَ زال ۽ تنهنجن پٽن سميت تو وٽ آيو آهي.


۽ ٽئين ڏينهن جي لاءِ تيار رهن، ڇالاءِ جو ٽئين ڏينهن خداوند سڀني ماڻهن جي ڏسندي سينا جبل تي لهندو.


هو رفيديم مان روانا ٿي سينا جي بيابان ۾ پهتا، ۽ بيابان ۾ لهي پيا؛ ۽ اسرائيل اُتي، جبل جي سامهون، منزل ڪئي.


۽ خداوند سينا جبل جي چوٽيءَ تي نازل ٿيو؛ ۽ خداوند موسيٰ کي جبل جي چوٽيءَ تي سڏيو، ۽ موسيٰ مٿي چڙهي ويو.


تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اُٿيا، ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهي ويو.


هاڻي موسيٰ پنهنجي سهري يترو جا ڌڻ چاريندو هو، جو مديان جو ڪاهن هو؛ ۽ هو ڌڻ کي بيابان جي پرئين پاسي وٺي ويو، ۽ خدا جي جبل حورب وٽ آيو.


تڏهن هن چيو تہ يقين ڪري ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ هوندس؛ ۽ مون توکي موڪليو آهي تنهنجي هيءَ نشاني ٿيندي: تہ جڏهن تون انهن ماڻهن کي مصر مان ڪڍي ايندين، تڏهن هن جبل تي خدا جي عبادت ڪندين.


۽ خداوند هارون کي چيو تہ بيابان ۾ وڃي موسيٰ کي گڏج. سو هو ويو ۽ خدا جي جبل تي وڃي کيس گڏيو ۽ چميائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ