Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:4 - Sindhi Bible

4 ۽ ٻئي جو نالو اليعزر رکيو هئائين (ڇالاءِ جو هن چيو تہ منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار آهي، ۽ انهي مون کي فرعون جي ترار کان ڇڏايو آهي):

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هن ٻئي پٽ جو نالو ”اليعزر“ هي چئي رکيو هو تہ ”منهنجي پيءُ جو خدا منهنجو مددگار ٿيو آهي ۽ هن مون کي فرعون جي تلوار کان بچايو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هي تنهنجي پيءُ جي خدا جي حڪم سان، ۽ انهيءَ قادر مطلق جي حڪم سان ٿيندو، جو تنهنجي مدد ڪندو، ۽ توکي مٿان آسمان جون برڪتون ڏيندو، ۽ هيٺان اونهي سمنڊ جون برڪتون ڏيندو، ۽ ڇاتين جون، ۽ رحمن جون برڪتون ڏيندو.


۽ بني موسيٰ؛ جيرسوم اليعزر هئا.


۽ بني اليعزر؛ رحبياہ سردار هو. ۽ اليعزر کي ٻيا پٽ ڪين هئا؛ پر رحبياہ جا گهڻا ئي پٽ هئا.


اي خداوند، منهنجي طاقت، آءٌ توکي پيار ٿو ڪريان.


هو مونکي منهنجي دشمنن کان ڇڏائي ٿو، هائو جيڪي منهنجي برخلاف کڙا ٿا ٿين تن تي تون مون کي سرفراز ٿو ڪرين: تون ئي مون کي ظالم کان ڇوٽڪارو ٿو ڏين.


مون خداوند کي ڳوليو ۽ هن منهنجي ٻڌي، ۽ مون کي منهنجن سڀني خوفن کان ڇڏايائين.


خدا اسان جي پناهہ ۽ زور آهي، ۽ مصيبت جي وقت ڏاڍو هڪيو مددگار آهي.


پوءِ فرعون هن کي چيو تہ مون وٽان نڪري وڃ؛ خبردار متان وري منهنجو منهن ڏسين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون منهنجو منهن ڏسندين، تنهن ڏينهن ماريو ويندين.


هاڻي جڏهن فرعون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين، پر موسيٰ، فرعون جي منهن تان ٽري ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو؛ ۽ هڪڙي کوهہ وٽ وڃي ويٺو.


۽ انهيءَ کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جيرشوم رکيائين؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ آئون غير ملڪ ۾ مسافر آهيان.


تڏهن موسيٰ پنهنجي زال ۽ پنهنجن پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو؛ ۽ موسيٰ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي.


منهنجي خدا پنهنجو ملائڪ موڪليو آهي، ۽ شينهن جا وات بند ڪيا اٿس، ۽ انهن مون کي ڪوبہ ايذاءُ نہ رسايو آهي: ڇالاءِ جو جيئن انهي جي اڳيان آءٌ بي گناهہ سمجهيو ويس، تيئن، اي بادشاهہ، مون تنهنجي اڳيان ڪوبہ خطا جهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي.


۽ جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ هاڻي مون کي پڪ ٿي آهي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي مان، ۽ جيڪا يهودي قوم جي اُميد هئي، تنهن کان ڇڏايو آهي.


۽ موسيٰ ايترو ٻُڌي اُٿي ڀڳو، ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهڻ لڳو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.


پر خداوند منهنجو مددگار هو، ۽ مون کي سگهہ ڏنائين، انهي لاءِ تہ منهنجي معرفت ڪلام جي پوريءَ طرح پڌرائي ٿئي، ۽ سڀ غير قومون ٻُڌن: ۽ آئون شينهن جي وات مان ڇڏايو ويس.


باهہ جي تيزيءَ کي بہ بي اثر ڪيائون، ترار جي ڌار کان بچي ويا، ڪمزوريءَ ۾ زور وارا ٿيا، جنگ ۾ بهادر ٿيا، ڌارين جا لشڪر ڀڄائي ڪڍيائون:


تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ