Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 18:3 - Sindhi Bible

3 ۽ سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ وٺي، جن مان هڪڙي جو نالو هن جيرسوم رکيو هو (ڇالاءِ جو هن چيو تہ آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان):

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هن سندس ٻن پٽن کي بہ ساڻ کنيو. انهن مان هڪڙي جو نالو، موسيٰ هي چوندي ”جيرشوم“ رکيو هو تہ ”آءٌ ڌارئي ملڪ ۾ مسافر ٿي پيو گذاريان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 18:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بني موسيٰ؛ جيرسوم اليعزر هئا.


اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجي دانهن تي ڪن ڏي، منهنجي روئڻ تي ماٺ نہ ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي حضور ۾ پرديسي ۽ پنهنجن سڀني ابن ڏاڏن وانگر مسافر آهيان.


۽ انهيءَ کي هڪڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو جيرشوم رکيائين؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ آئون غير ملڪ ۾ مسافر آهيان.


تڏهن موسيٰ پنهنجي زال ۽ پنهنجن پٽن کي هڪڙي گڏهہ تي ويهاريو ۽ مصر ڏانهن روانو ٿيو؛ ۽ موسيٰ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کنئي.


۽ موسيٰ ايترو ٻُڌي اُٿي ڀڳو، ۽ وڃي مديان جي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهڻ لڳو، جتي کيس ٻہ پٽ ڄاوا.


اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


۽ بني دان اُها اُڪريل مورت پنهنجي لاءِ بيهاري ڇڏي: ۽ يونتن، بن جيرسوم، بن موسيٰ، ۽ سندس پٽ، دان جي فرقي جا ڪاهن ٿيا، جيستائين ڪ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو قيد ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ