خروج 18:12 - Sindhi Bible12 پوءِ موسيٰ جي سهري يترو، خدا جي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني ۽ ڪي ٻيون قربانيون آنديون، ۽ هارون ۽ اسرائيل جا سڀيئي بزرگ، خداوند جي حضور ۾، موسيٰ جي سهري سان گڏ ماني کائڻ آيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible12 پوءِ موسيٰ جي سهري يٿرو، خدا جي لاءِ هڪڙي ساڙڻ واري قرباني ڪئي ۽ ڪجھہ ٻيون قربانيون ڪيون. هارون ۽ بني اسرائيل جا سڀ اڳواڻ موسيٰ جي سهري سان گڏ اها قربانيءَ واري ماني کائڻ لاءِ خدا جي حضور ۾ آيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تنهن ڪري اوهين ست ڍڳا ۽ ست گهٽا وٺي منهنجي ٻانهي ايوب وٽ وڃو، ۽ پنهنجي لاءِ هڪڙي سوختني قرباني چاڙهيو؛ ۽ منهنجو ٻانهو ايوب اوهان جي حق ۾ دعا گهرندو؛ ۽ انهيءَ جي خاطر آءٌ اُها قبول ڪندس، ۽ اوهان جي بي عقليءَ موافق اوهان سان هلت نہ ڪندس؛ ڇالاءِ جو اوهان منهنجي نسبت اُها ڳالهہ نہ ڪئي آهي جا درست آهي، جيئن ڪ منهنجي ٻانهي ايوب ڪئي آهي.