Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 17:7 - Sindhi Bible

7 هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 انهيءَ سبب هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا ۽ ائين چئي خداوند کي آزمايو هئائون تہ ”ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 17:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن هن کي مريباہ جي چشمن وٽ بہ غصو ڏياريو، جنهن ڪري انهن جي سببان موسيٰ کي نقصان رسيو.


انهن پنهنجي دل ۾ خدا کي آزمايو، ڇو تہ پنهنجي خواهش موجب کاڌو گهريائون.


تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم.


اي منهنجي اُمت ٻڌ، اي اسرائيل جيڪڏهن تون منهنجي ٻڌندين، تہ آءٌ توکي تاڪيد ٿو ڪريان،


اوهين پنهنجين دلين کي سخت نہ ڪريو، جيئن ڪہ اوهان مريباہ ۽ بيابان ۾، مساہ جي ڏينهن ڪيو:


تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟


۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿي آهي، تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ خداوند اسان سان گڏجي هلي، ڇالاءِ جو هي ضدي ماڻهو آهن؛ ۽ تون اسان جا قصور ۽ گناهہ معاف ڪر، ۽ اسان کي پنهنجي ميراث ڄاڻي قبول ڪر.


اي صيون جا رهاڪو وڏي سڏ پڪار ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو تنهنجي وچ ۾ اسرائيل جو پاڪ خدا عظيم آهي.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


اهوئي مريبا جو چشمو آهي؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل خداوند سان جهيڙو ڪيو، ۽ هو منجهن پاڪ ثابت ٿيو.


هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.


ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.)


۽ ڪلام مجسم ٿيو، ۽ فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ٿي اسان وٽ اچي رهيو؛ (۽ اسان سندس اهڙو جلال ڏٺو، جهڙو پيءُ جي هڪڙي ئي جو جلال).


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


لاويءَ جي بابت هن چيو تہ، تنهنجو تميم ۽ اوريم انهي خدا جي ٻانهي وٽ آهي: جنهن کي تو مسہ ۾ آزمايو، ۽ جنهن سان تو مريبہ جي چشمي وٽ جهيڙو ڪيو؛


اوهين خداوند پنهنجي خدا کي متان آزمايو، جيئن اوهان هن کي مساہ ۾ آزمايو هو.


۽ تبعيرہ ۽ مساہ ۾، ۽ قبروت هتاوہ ۾ بہ، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو.


۽ فينحاس بن اليعزر ڪاهن، بني روبن، ۽ بني جد، ۽ بني منسيءَ کي چيو تہ اڄ اسين ڄاڻون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي، ڇالاءِ جو اوهان خداوند جي برخلاف اهو قصور نہ ڪيو آهي: هاڻي اوهان بني اسرائيل کي خداوند جي هٿان ڇڏايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ