Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 17:6 - Sindhi Bible

6 ۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 آءٌ اتي سينا جبل جي ڀرسان ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيٺو هوندس. تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻجانءِ تہ انهيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي نڪرندو.“ سو موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن جي روبرو ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 17:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو آسمان مان هنن کي ماني ڏني، ۽ اُنهن جي اُڃ لاهڻ لاءِ هنن جي واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍي آندو، ۽ هنن کي حڪم ڏنو تہ اُنهيءَ زمين جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃن، جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ تو قسم کنيو هو.


هن ٽڪر کي چيريو ۽ پاڻي وهي آيو؛ ۽ سڪيءَ زمين ۾ نديءَ وانگي وهڻ لڳو.


هن ٽڪريءَ کي ڦيرائي پاڻيءَ جو تلاءُ ڪيو، ۽ چقمق مان پاڻيءَ جو چشمو پيدا ڪيائين.


هڪڙي ندي آهي، جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي خوش ٿيون ڪن يعني خدا تعاليٰ جي خيمن جي پاڪ هنڌ کي.


تو چشما ۽ ٻوڏ جاري ڪيا: تو وڏا وڏا درياهہ سڪائي ڇڏيا.


انهن پنهنجي دل ۾ خدا کي آزمايو، ڇو تہ پنهنجي خواهش موجب کاڌو گهريائون.


ڏسو هن ٽڪر کي ڌڪ هنيو، ۽ پاڻي نڪري آيو، ۽ نهرون وهڻ لڳيون؛ هو ماني بہ ڏيئي سگهندو ڇا؟ هو پنهنجيءَ اُمت لاءِ گوشت موجود ڪري سگهندو ڇا؟


تو مصيبت جي وقت پڪاريو، ۽ مون توکي ڇڏايو؛ گجگار جي ڳجهي پردي مان توکي جواب ڏنم: ۽ مريباهہ جي چشمي تي توکي آزمايم.


۽ تون پنهنجي لٺ کڻ ۽ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهير، ۽ انهيءَ کي چيري ٻہ حصا ڪر؛ ۽ بني اسرائيل سمنڊ جي وچ مان سڪيءَ زمين تان لنگهي ويندا.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هارون، بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي ائين چيو، تڏهن هنن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو خداوند جو جلال ڪڪر ۾ ظاهر ٿيو.


جڏهن هو انهن کي رڻ پٽ مان وٺي ٿي ويو، تڏهن اهي اُڃيا ڪونہ ٿيا: هن انهن جي لاءِ ٽڪريءَ مان پاڻي وهايو: هن ٽڪريءَ کي چيريو ۽ پاڻي بُڙڪا ڏيئي نڪري آيو.


لٺ کڻ، ۽ تون ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون جماعت کي گڏ ڪري، هنن جي روبرو ٽڪر کي چئو تہ اهو پنهنجو پاڻي ڏي؛ تون انهي ٽڪر مان هنن جي لاءِ پاڻي ڪڍندين: انهيءَ طرح تون جماعت ۽ سندن چوپائي مال کي پيئڻ لاءِ پاڻي ڏيندين.


يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جي توکي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها، ۽ ڄاڻين ها تہ اُهو ڪير آهي جو توکي چوي ٿو تہ مون کي پاڻي پيار؛ تہ تون جيڪر هن کان گهُرين ها، ۽ هو توکي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.


پر جو پاڻي آئون ڏيندوسانس، سو جيڪو پيئندو، تنهن کي وري اُڃ ڪانہ لڳندي؛ بلڪ پاڻي جو آئون ڏيندوسانس، سو ان ۾ پاڻيءَ جو هڪ چشمو ٿي پوندو، جو هميشہ جي زندگي تائين پيو وهندو.


۽ سڀني اُهو ساڳيو روحاني پاڻي پيتو. ڇالاءِ جو جيڪو روحاني ٽڪر سندن پٺيان پي آيو، تنهن مان هو پاڻي پيئندا هئا، ۽ اهو ٽڪر مسيح هو.


اهو هنڌ شعير جبل جي رستي، حورب کان قادس برنيع تائين يارهن ڏينهن جو پنڌ آهي.


جو انهي وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ تنهنجو رهبر ٿيو، جنهن ۾ زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا، ۽ زمين پاڻيءَ کان سواءِ خشڪ ٿي ويئي هئي؛ جنهن تنهنجي لاءِ چقمق جي ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو؛


۽ روح ۽ ڪنوار ٻئي چون ٿا تہ اچ. ۽ ٻُڌڻ وارو بہ ڀلي چوي تہ اچ. ۽ جيڪو اُڃايل آهي سو ڀلي اچي؛ ۽ جنهن جي مرضي هجي سو زندگيءَ جو پاڻي مفت پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ