Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 17:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 پر ماڻهو تمام اڃايل هئا، تنهنڪري موسيٰ جي خلاف ڪرڪڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”تو اسان کي مصر کان هتي انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا تہ اسين، اسان جا ٻار ۽ اسان جو چوپايو مال اُڃ جي ڪري مرون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 17:3
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن جي بک لاهڻ لاءِ تو آسمان مان هنن کي ماني ڏني، ۽ اُنهن جي اُڃ لاهڻ لاءِ هنن جي واسطي ٽڪر مان پاڻي ڪڍي آندو، ۽ هنن کي حڪم ڏنو تہ اُنهيءَ زمين جي هٿ ڪرڻ لاءِ وڃن، جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ تو قسم کنيو هو.


تو هنن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجو چڱو روح بہ ڏنو، ۽ هنن جي وات کان من بہ بند ڪري نہ ڇڏيو، ۽ اُڃ لاهڻ لاءِ تو هنن کي پاڻي ڏنو.


اهي بکايل ۽ اُڃايل هئا، انهن جي جان ماندي ٿي ويئي.


۽ ٻين ذاتين جو هڪڙو وڏو گڏيل انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو، ۽ ڍور ۽ ڌڻ بہ ساڻن هئا، مطلب تہ تمام گهڻو چوپايو مال بہ هو.


۽ موسيٰ کي چيائون تہ مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اسان کي رڻ پٽ ۾ مرڻ جي لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو، جو اسان کي مصر مان ڪڍي آيو آهين؟


تڏهن ماڻهو موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چيائون تہ اسين ڇا پيئنداسين؟


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.


ڇو اوهان خداوند جي جماعت کي هن بيابان ۾ آندو آهي، تہ اسين ۽ اسان جو چوپايو مال سڀ هتي مرون؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ