Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 17:10 - Sindhi Bible

10 سو يشوع ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ چيو هوس، ۽ وڃي عماليقين سان جنگ ڪيائين، ۽ موسيٰ ۽ هارون ۽ حور، جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو يشوع ائين ئي ڪيو جيئن موسيٰ حڪم ڏنو هئس. هن وڃي عماليقين سان ويڙهہ ڪئي. انهيءَ مهل موسيٰ، هارون ۽ حور ٽڪر جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 17:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عزوبہ مئي، ۽ ڪالب افرات سان شادي ڪئي، ۽ انهيءَ مان حور ڄائس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي ٿي کنيو، تڏهن اسرائيل غالب ٿي پيا، ۽ جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب ٿي پيا.


پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا.


۽ هن بزرگن کي چيو تہ اوهين اسان جي لاءِ هتي ترسو، جيسين ڪ اسين موٽي اوهان وٽ اچون. ڏسو هارون ۽ حور اوهان سان آهن، جنهن کي ڪو ڪم پوي تہ اهو هنن وٽ وڃي.


ڏس، مون يهوداہ جي قبيلي واري بضلي ايل بن اوري بن حور کي نالو وٺي سڏيو آهي:


۽ هنن کي تعليم ڏيو تہ جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن سڀني تي هلن، ۽ ڏسو، آئون هميشہ، بلڪ دنيا جي پڇاڙيءَ تائين، اوهان سان آهيان.


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.


هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.


جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن موسيٰ يشوع کي حڪم ڏنو هو: ۽ يشوع بہ ائين ئي ڪيو؛ جيڪي بہ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو سو سڀ پورو ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ