Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 16:8 - Sindhi Bible

8 ۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 موسيٰ وڌيڪ چين تہ ”شام جي وقت خداوند اوهان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو ۽ صبح جو ڍءُ تي ماني ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند جي خلاف جيڪي شڪايتون ڪريو ٿا سي هو ٻڌي ٿو. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي خلاف نہ پر خداوند جي خلاف آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 16:8
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چئُہ تہ خداوند جي حضور ۾ اچو: ڇالاءِ جو هن اوهان جي شڪايت ٻڌي آهي.


تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟


ڇالاءِ جو ڪميڻو ماڻهو ڪميڻائيءَ جون ڳالهيون ڪندو ۽ انهي جي دل بڇڙائيءَ جا خيال ڪندي، جو هو بي دينيءَ جهڙي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي برخلاف ڪوڙ چوندو، تہ بکئي جي جان خالي رهي، ۽ اُڃايل کي پاڻي نہ ملي.


تون مون تي ڪاوڙيو آهين، ۽ تنهنجي بي ادبي منهنجن ڪنن تائين پهتي آهي؛ تنهنڪري آءٌ پنهنجو ڪنڍو تنهنجي نڪ ۾ وجهندس، ۽ پنهنجو لغام تنهنجي وات ۾ وجهندس، ۽ جنهن رستي تون آيو آهين تنهن رستي توکي پٺ تي موٽائيندس.


۽ تون ماڻهن کي چئُہ تہ اوهين سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪريو، جو اوهين گوشت کائيندا؛ ڇالاءِ جو اوهان جو روئڻ، خداوند جي ڪنن تائين پهتو آهي: جو چئو ٿا تہ ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ جو مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو: تنهنڪري خداوند اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ اوهين کائجو.


هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛


تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي چيو، تہ اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇالاءِ جو اسان خداوند جي، ۽ تنهنجي برخلاف ڳالهايو آهي؛ هاڻي تون خداوند کان دعا گهر تہ هو اسان جي وچ مان نانگ ڪڍي، ۽ موسيٰ ماڻهن جي لاءِ دعا گهري.


جيڪو اوهان کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري، جنهن مون کي موڪليو آهي.


۽ يسوع هنن جي دل جا دليل معلوم ڪري چيو تہ اوهين پنهنجي دل ۾ برا خيال ڇو ٿا ڪريو؟


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.


تنهنڪري جيڪو حڪومت جي سامهون ٿو ٿئي، سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري: ۽ جيڪي مخالفت ڪندا سي پنهنجي سزا لوڙيندا.


نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين.


تنهنڪري جيڪو هيءَ ڳالهہ رد ٿو ڪري، سو ماڻهوءَ کي رد نٿو ڪري پر خدا کي رد ٿو ڪري، جو پنهنجو پاڪ روح اوهان کي ڏئي ٿو.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ جيڪي بہ اهي ماڻهو توکي چون سو تون ڪر: ڇالاءِ جو هنن توکي رد نہ ڪيو آهي، پر هنن مون کي رد ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ ٿيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ