Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 16:7 - Sindhi Bible

7 ۽ صبح جو اوهين خداوند جو جلال ڏسندا، ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو، سي هن ٻڌيون آهن: اسين ڪير آهيون جن جي برخلاف اوهين ڪُر ڪُر ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 صبح جو اوهين خداوند جو جلوو ڏسندا، ڇاڪاڻ تہ خداوند پنهنجي خلاف اوهان جون شڪايتون ٻڌيون آهن. سو اسين ڪير ٿيندا آهيون جو اوهين اسان جي خلاف ڪُرڪو ٿا؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 16:7
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هارون، بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي ائين چيو، تڏهن هنن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو خداوند جو جلال ڪڪر ۾ ظاهر ٿيو.


مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.


۽ انهن اسرائيل جي خدا کي ڏٺو؛ ۽ انهي جي پيرن هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پهڻ جهڙو فرش لڳل هو، ۽ اهڙو صاف هو جهڙو آسمان.


۽ ڇهہ ڏينهن ڪڪر انهي جي مٿان بيٺو هو، ۽ ستين ڏينهن هن ڪڪر منجهان موسيٰ کي سڏيو.


تڏهن ڪڪر جماعت واري تنبوءَ کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ عبادت جو خيمو خداوند جي جلال سان ڀرجي ويو.


هو بي انداز گل ڪندو، ۽ هو خوشيءَ سان گيت ڳائي سرهو ٿيندو؛ لبنان جو شان، ۽ ڪرمل ۽ شارون جي سرفرازي هن کي ڏني ويندي: اهي خداوند جو جلال ۽ اسان جي خدا جي سرفرازي ڏسندا.


۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيندو، ۽ سڀيئي ماڻهو انهي کي گڏ ڏسندا: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو.


پر ساري جماعت چوڻ لڳي تہ هنن کي سنگسار ڪريو. تڏهن خداوند جو جلال سڀني بني اسرائيلين جي روبرو جماعت واري تنبوءَ ۾ ظاهر ٿيو.


هيءَ خراب جماعت، جا مون بابت ڪرڪر پيئي ڪري، تنهن سان آءٌ ڪيستائين صبر ڪندس؟ بني اسرائيل منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر پيا ڪن، سا مون ٻڌي آهي؛


تنهنڪري تون، ۽ تنهنجي سڄي ٽولي خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا آهيو؛ هارون ڪير آهي، جنهن جي برخلاف اوهين ڪرڪر ٿا ڪريو؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف گڏ ٿي، تڏهن انهن جماعت واري تنبوءَ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ ڏسو، ڪڪر انهي کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ پسند ڪندس تنهن جي لٺ ۾ مکڙيون ڦٽي نڪرنديون، ۽ تنهنجي برخلاف بني اسرائيل جي ڪرڪر آءٌ پاڻ تان لاهي ڇڏيندس.


پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي.


يسوع چيس، تہ مون ڪين چيو تہ جي ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلال ڏسندينءَ؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ