Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 16:6 - Sindhi Bible

6 تڏهن موسيٰ ۽ هارون سڀني بني اسرائيلين کي چيو تہ شام جي وقت اوهان کي خبر پوندي تہ اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آڻڻ وارو خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اڄ شام جو اوهان کي معلوم ٿيندو تہ اهو خداوند ئي هو جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 16:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي اُمت جي ڌڻ وانگي موسيٰ ۽ هارون جي معرفت رهبري ڪئي.


پر منهنجي اُمت منهنجو آواز نہ ٻڌو؛ ۽ اسرائيل مون کي نہ مڃيو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.


۽ موسيٰ چيو تہ هاڻي هيئن ٿيندو تہ خداوند شام جي وقت اوهان کي گوشت ڏيندو، ۽ صبح جو ڍؤ تي ماني ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو سي هو ٻڌي ٿو: ۽ اسين ڪير آهيون؟ اوهان جي شڪايت اسان جي برخلاف نہ پر خداوند جي برخلاف آهي.


هاڻي جڏهن ماڻهن ڏٺو تہ موسيٰ کي جبل تان لهڻ ۾ دير ٿي آهي، تڏهن اهي هارون وٽ اچي گڏ ٿيا، ۽ چيائونس تہ اُٿي اسان جي لاءِ اهڙا ديوتا ٺاهہ، جي اسان جي رهبري ڪن: ڇالاءِ تہ هي شخص موسيٰ، جو اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهي، تنهن بابت اسان کي خبر نہ آهي تہ ڇا ٿيس.


تڏهن موسيٰ خداوند پنهنجي خدا کي عرض ڪري چيو تہ اي خداوند، ڇو تنهنجي ڪاوڙ تنهنجيءَ اُمت تي ڀڙڪو کائي، جنهن کي تو پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زور سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي؟


تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ هيٺ لهي وڃ، ڇالاءِ جو تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، تن پاڻ کي خراب ڪيو آهي؛


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


تڏهن موسيٰ چيو تہ انهي مان اوهان کي سڌ پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي مرضيءَ سان اهي نہ ڪيا آهن.


پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ