2 ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف بيابان ۾ ڪُرڪڻ لڳي.
2 اُتي بيابان ۾ اهي سڀ موسيٰ ۽ هارون جي خلاف ڪرڪڻ لڳا.
پر سمهڻ کان اڳي، سدوم شهر جي سڀني پاڙن جا ماڻهو، جوان توڙي ٻڍا، انهيءَ گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا؛
پر انهن جلد ئي هنجي ڪمن کي وساري ڇڏيو؛ ۽ سندس صلاح لاءِ ڪين ترسيا:
۽ پنهنجي تنبن ۾ ويهي ڪرڪر ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو آواز نہ ٻڌائون.
اسان جي ابن ڏاڏن مصر جي ملڪ ۾ تنهنجي عجيب ڪمن کي ڪين سمجهيو؛ انهن تنهنجي بيحد رحمتن کي ياد نہ ڪيو؛ پر سمنڊ وٽ، يعني ڳاڙهي سمنڊ وٽ، فساد ڪيائون.
۽ موسيٰ کي چيائون تہ مصر ۾ قبرون ڪين هيون ڇا جو تون اسان کي رڻ پٽ ۾ مرڻ جي لاءِ وٺي آيو آهين؟ تو اسان سان هي ڇا ڪيو، جو اسان کي مصر مان ڪڍي آيو آهين؟
تڏهن ماڻهو موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چيائون تہ اسين ڇا پيئنداسين؟
۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟
۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.
ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ هنن سڀني ماڻهن منهنجو جلال ۽ منهنجون نشانيون، جيڪي مون مصر ۾ ۽ بيابان ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريون، سي ڏٺيون آهن، تڏهن بہ هنن مون کي ڏهہ ڀيرا آزمايو آهي، ۽ منهنجو آواز ڪن ڏيئي نہ ٻڌو اٿن.
نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين.