Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 15:9 - Sindhi Bible

9 دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 دشمن چيو هو تہ ’آءٌ پٺيان پئي انهن کي پڪڙيندس، ۽ کانئن لُٽيل مال ورهائي آءٌ پنهنجي دل ٺاريندس. پوءِ مياڻ مان تلوار ڪڍي آءٌ کين برباد ڪري ڇڏيندس.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 15:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بنيمين هڪڙو بگهڙ آهي، جو ڦاڙيندو وتي: هو صبح جو شڪار کائيندو، ۽ سانجهيءَ جو لٽ جو مال ورهائيندو.


آءٌ پنهنجي دشمنن جي پٺيان پيو آهيان، ۽ انهن کي ناس ڪيو اٿم؛ ۽ جيسين هو چٽ نہ ٿي ويا تيسين آءٌ نہ موٽيس.


تڏهن ايزبل هڪڙي قاصد جي هٿان ايلياہ کي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سڀاڻي هن وقت ڌاري تنهنجي حياتي بہ هنن مان هڪڙي جهڙي نہ ڪريان، تہ معبود مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ وڌيڪ.


۽ بن هدد هن ڏي چوائي موڪليو تہ جيڪڏهن سامريہ جي مٽي منهنجي پٺيان ايندڙن سڀني ماڻهن جي مُٺين ڀرڻ لاءِ پوري ٿي سگهي، تہ معبود شل مون سان بہ ائين ڪن، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ جڏهن مصر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي برخلاف ڦيرو کاڌو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ اسان هي ڇا ڪيو جو اسرائيلين کي پنهنجيءَ غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟


دل جو نماڻو ٿي غريبن سان گذارن بهتر آهي: انهيءَ کان تہ مغرور ماڻهن سان لٽ جو مال ورهائي وٺجي.


هنن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿان ڇڏايو آهي جو خداوند يروشلم کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو.


تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.


اُتي هو وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ مصر جو بادشاهہ فرعون رڳو ڳالهيون آهي؛ هن مقرر ڪيل وقت کي گذاري ڇڏيو.


تو سندن ئي لٺ سان سندن بهادرن جو سر ڦوڙيو: هو مون کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي وانگر آيا، ۽ هنن جي خواهش انهيءَ ۾ هئي تہ غريبن کي ڳجهيءَ طرح ڳهي وڃن.


پر جي کانئس ڪو زور وارو مٿس چڙهي ڪري اچي ٿو غالب پويس، تہ پوءِ جن هٿيارن تي سندس زور هو، سي سڀ کسيو ٿو وٺيس، ۽ سندس مال لُٽي ورهائي ٿو ڇڏي.


تہ هنن کي لٽ جو مال ڪونہ مليو ڇا ۽ هنن اُهو نہ ورهايو آهي ڇا؟ هرهڪ مرد کي هڪڙي ڇوڪري، بلڪ ٻہ ڇوڪريون؛ سيسرا کي جدا جدا رنگن واريون لٽ جون شيون، ۽ رنگين ڀرت وارا ڪپڙا، ۽ جدا جدا رنگ جي ڪپڙن جو لٽ جو مال، ۽ ٻنهي پاسن رنگارنگي ڀرت جو مال قيدين جي ڳچين تي ڀريل نہ مليو آهي ڇا؟


۽ دائود خداوند کي سوال ڪري چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن لشڪر جي پٺيان پوندس تہ انهي کي پهچي سگهندس يا نہ؟ ۽ هن جواب ڏنس تہ پٺيان پئين: جو تون ضرور وڃي پهچندين، ۽ يقيناً سڀ ڪجهہ انهن کان وري بہ ڇڏائي وٺندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ