5 اونهي پاڻيءَ هنن کي ڍڪي ڇڏيو، هو پهڻ وانگي سمنڊ جي تري ۾ هليا ويا آهن.
5 سمنڊ جي اونهاين انهن کي ڍڪي ڇڏيو، اهي پٿر وانگر هيٺ سمنڊ جي تري ۾ وڃي پيا.
۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.
پاڻيءَ انهن جي دشمن کي ڍڪي ڇڏيو ۽ انهن مان هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.
يعني پاڻي موٽي آيو، ۽ گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار، ۽ فرعون جو سارو لشڪر، جو هنن جي پٺيان ڪاهي آيو هو، تنهن کين ٻوڙي ڇڏيو؛ ۽ منجهانئن هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.
تو پنهنجو واءُ لڳايو ۽ سمنڊ انهن کي ڍڪي ڇڏيو، هو زور واري پاڻيءَ ۾ شيهي وانگر ٻڏي ويا.
خوف ۽ ڊپ انهن تي پيو آهي؛ تنهنجي هٿ جي بزرگيءَ ڪري هو پهڻ وانگي سڪوت ۾ آهن، جيسين ڪ اي خداوند تنهنجي اُمت لنگهي وڃي، جنهن کي تو خريد ڪيو آهي.
جڏهن اڃا وڏا سمنڊ ڪين هئا تڏهن آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس؛ جڏهن اڃا چشما پاڻيءَ سان ڀريل نہ هئا.
جنهن وقت پاڻين جي اونهائي ۽ سمنڊ توکي ڀڃي ڇڏيو هو، تنهن وقت تنهنجو سوداگري مال، ۽ تنهنجي ڪل جماعت تو ۾ ڪِري پيئي.
مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.
هو ڦرندو ۽ اسان تي رحم ڪندو. هو اسانجن گناهن کي پيرن هيٺ لتاڙيندو: ۽ تون هنن جا سڀ گناهہ سمنڊ جي تري ۾ اُڇلائي ڦٽا ڪندين.
۽ هي ننڍڙا ٻار جن جو مون ۾ ايمان آهي تن مان هڪڙي کي جيڪو گمراهہ ڪندو، انهي جي لاءِ چڱو ائين ٿيندو تہ هڪڙو وڏو جنڊ جو پڙ سندس ڳچيءَ ۾ لٽڪائي کيس سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏجي.
۽ هڪڙي زور واري ملائڪ هڪڙو وڏو جنڊ جي پاٽ جيڏو پهڻ کڻي، سمنڊ ۾ اُڇلائي چيو تہ بابل جو وڏو شهر هن طرح ڏاڍي زور سان ڪيرايو ويندو، ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.