Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 15:1 - Sindhi Bible

1 تڏهن موسيٰ ۽ بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ گيت ڳايو، ۽ چيائون تہ: آءٌ خداوند جي تعريف ڳائيندس، ڇالاءِ جو هن وڏي جلال سان پاڻ کي ظاهر ڪيو؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سوڌو سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ان وقت موسيٰ ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن خداوند جي شان ۾ هي گيت ڳايو تہ ”آءٌ خداوند جو حمد وَ ثنا ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن وڏي شاندار فتح ماڻي آهي، هن گھوڙن کي سوارن سوڌو سمنڊ ۾ اڇلائي وڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 15:1
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تو اُنهن جي اڳيان سمنڊ چيريو، جنهنڪري هو سمنڊ جي وچان سڪي زمين تان لنگهيا؛ ۽ هنن جي پٺيان پوڻ وارن کي تو ائين اونهي سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو، جيئن ڪو پٿر کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلائبو آهي.


ياد رک تہ هن جي ڪمن جي وڏائي ڏيکارين، جنهن جي بابت ماڻهن راڳ ڳايا آهن.


هو پنهنجي اُمت کي خوشي ڪندي، ۽ پنهنجي چونڊيلن کي گيت ڳائيندي، ٻاهر ڪڍي آيو.


تڏهن انهن هن جي ڪلام تي ايمان آندو: ۽ سندس تعريف ڳائڻ لڳا.


شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس، تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.


شل ماڻهو خداوند جي ڀلائيءَ خاطر، ۽ انسان لاءِ جيڪي عجيب ڪم ڪيا اٿس تن جي خاطر سندس تعريف ڪن.


تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين.


اي يعقوب جا خدا تنهنجيءَ ڇينڀ جي ڪري، جنگي گاڏي ۽ گهوڙو گهريءَ ننڊ ۾ پئجي ويا.


رڳو تو کان ئي ڊڄڻ گهرجي: جڏهن تون ڪاوڙبين تڏهن ڪير تنهنجي اڳيان بيهي سگهندو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ سمنڊ جي مٿان ڊگهير تہ پاڻي موٽي مصرين تي، ۽ سندن گاڏين تي، ۽ سندن گهوڙي سوارن تي اچي.


تڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ سمنڊ تي ڊگهيريو، ۽ صبح ٿيڻ شرط سمنڊ پنهنجي اصلوڪي زور تي اچي بيٺو، ۽ مصري انهيءَ ۾ ڀڄڻ لڳا، پر خداوند مصرين کي سمنڊ جي وچ ۾ ٻوڙي ڇڏيو.


۽ مريم هن ريت هنن جي راڳ جو جواب ڏنو: اوهين خداوند جي تعريف ڳايو، ڇالاءِ جو هن وڏي فتح حاصل ڪئي آهي؛ هن گهوڙي کي سندس سوار سميت سمنڊ ۾ اُڇلائي وڌو آهي.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


خراب ماڻهوءَ جي ڏوهہ ۾ هڪڙو ڦانڌو آهي، پر سچو ڳائي ٿو ۽ خوشيون ڪري ٿو.


اوهين جي سمنڊ ڏانهن لهي ٿا وڃو ۽ جيڪي منجهس آهيو، اي ٻيٽ ۽ انهي جا رهاڪو، خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو، ۽ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس تعريف ڳايو،


۽ تو سان آءٌ گهوڙي کي سندس سوار سميت ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس؛


ڇالاءِ جو آءٌ هن جي وات مان بعليم جا نالا ڪڍي وٺندس، ۽ هو وري اڳتي انهن نالن سان نہ سڏيا ويندا.


تہ بہ آءٌ خداوند جي ڪري خوشي ڪندس، آءٌ پنهنجي نجات بخشيندڙ خدا جي ڪري سرهو ٿيندس.


تڏهن اسرائيلين هي گيت ڳايو: اڙي کوهہ پنهنجو چشمو کول؛ اوهين انهيءَ بابت گيت ڳايو:


۽ حڪومتن ۽ طاقتن جو زور ڀڃي ڇڏيائين، ۽ کُليو کُلايو انهن جو تماشو ڪري صليب جي وسيلي انهي تي فتحيابيءَ جو شادمانو وڄايائين.


۽ انهن خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ۽ گهيٽي جو راڳ پئي ڳايو، تہ اي خداوند قادر مطلق، تنهنجا ڪم عظيم ۽ عجيب آهن؛ اي زمانن جا بادشاهہ، تنهنجا رستا سنوان ۽ سچا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ