Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:8 - Sindhi Bible

8 ۽ خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل زبردستيءَ سان نڪري آيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي. سو هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو، ڇاڪاڻ تہ اهي سندس وٽان وڏي دليريءَ سان نڪري ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:8
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجي اُمت کي خوشي ڪندي، ۽ پنهنجي چونڊيلن کي گيت ڳائيندي، ٻاهر ڪڍي آيو.


ڇو جو مون تي تنهنجي گهڻي ٻاجهہ آهي؛ تو منهنجي جان کي اوڙاهہ جي تري مان ڪڍيو آهي.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن هنن کي وڃڻ نہ ڏنو.


۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.


پر خدا انهن ماڻهن کي ٻئي پاسي بيابان مان، ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان وٺي آيو: ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


۽ ڏس آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس، ۽ هو انهن جي پٺيان پوندا، ۽ آءٌ فرعون تي، ۽ سندس ساري لشڪر تي، سندس گاڏين تي، ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس.


۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.


۽ هن ڇهہ سؤ چونڊيل جنگي گاڏيون، ۽ مصر جون ٻيون بہ گاڏيون پاڻ سان کنيو، ۽ انهن سڀني تي سردار وهاريائين.


دشمن چيو تہ آءٌ پٺيان پوندس، آءٌ لٽ جو مال ورهائيندس، منهنجي خواهش انهن تي پوري ٿيندي. آءٌ پنهنجي ترار ڪڍندس، ۽ منهنجو هٿ انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي، ۽ هن انهن جي ڳالهہ نہ مڃي، جيئن ڪ خداوند اڳيئي موسيٰ کي فرمايو هو.


تون هنن کي دل جي سختي ۽ پنهنجي لعنت ڏي.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهين هنن جا غلام نہ ٿيو؛ ۽ مون اوهان جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ اوهان کي سنئون هلايو اٿم.


هو پهرئين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ رعمسيس مان ڪوچ ڪري نڪتا؛ يعني فسح جي عيد جي ٻئي ڏينهن صبح جو بني اسرائيل سڀني مصرين جي ڏسندي ڏاڍي فخر سان روانا ٿيا،


هن اسرائيلي اُمت جي خدا اسان جي ابن ڏاڏن کي چونڊي ڪڍيو، ۽ جڏهن اُها اُمت مصر ملڪ ۾ مسافر ٿي رهندي هئي، تڏهن اُن کي سرفراز ڪيائين، ۽ زور واري ٻانهن سان کين اُتان ڪڍي آيو.


۽ خداوند اسان کي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏيءَ هيبت سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو:


پر مون کي دشمن جي چيڙائڻ جو خيال ٿيو، تہ متان انهن جا مخالف اُبتو سمجهن، ۽ چون تہ اسين پنهنجي هٿ سان سرفراز ٿيا آهيون، ۽ خداوند هي سڀ نہ ڪيو آهي.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ آءٌ يابين جي سپهہ سالار سيسرا کي سندس جنگي گاڏين، ۽ لشڪر سوڌو، قيسون نديءَ تائين تو وٽ وٺي ايندس؛ ۽ انهيءَ کي تنهنجي حوالي ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ