Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:4 - Sindhi Bible

4 ۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو اوهان جي پٺيان پوندو. تڏهن فرعون ۽ سندس سڄي لشڪر تي منهنجي فتح سان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.“ سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:4
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ فرعون تي، ۽ سندس سڀني نوڪرن تي، ۽ سندس ملڪ جي سڀني ماڻهن تي تو نشان ۽ عجيب ڪم ڏيکاريا؛ ڇالاءِ جو توکي خبر هئي تہ هو انهن سان مغروريءَ جي هلت ٿا ڪن؛ ۽ تو پنهنجو نالو مشهور ڪيو، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.


پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن هنن کي وڃڻ نہ ڏنو.


۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


پوءِ مصري بہ هنن جي پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ ڪاهي پيا، يعني فرعون جا سڀ گهوڙا ۽ گاڏيون ۽ سوار.


هنن جي گاڏين جا ڦيٿا ڦاسائي ڇڏيائين، جنهن ڪري هو ڏاڍيءَ مشڪلات سان انهن کي هلائي سگهيا؛ ۽ مصري چوڻ لڳا تہ اچو تہ اسرائيل جي منهن تان ٽري ڀڄي وڃون؛ ڇالاءِ جو خداوند انهن جي پاران مصرين سان وڙهي ٿو.


۽ فرعون بني اسرائيل جي بابت چوندو تہ هو انهيءَ زمين ۾ ڦاسي پيا آهن؛ ۽ اهي بيابان ۾ گهيرجي ويا آهن.


۽ جڏهن مصر جي بادشاهہ کي ٻڌايو ويو تہ اهي ماڻهو ڀڄي ويا آهن، تڏهن فرعون ۽ سندس نوڪرن جي دل انهن ماڻهن جي برخلاف ڦيرو کاڌو، ۽ هو چوڻ لڳا تہ اسان هي ڇا ڪيو جو اسرائيلين کي پنهنجيءَ غلاميءَ مان نڪري وڃڻ ڏنوسين؟


۽ خداوند مصر جي بادشاهہ فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هو بني اسرائيل جي پٺيان ڪاهي پيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل زبردستيءَ سان نڪري آيا هئا.


هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي، جنهن هن اُمت کي مصرين جي هٿان ڇڏايو آهي، ڇالاءِ جو انهن مغروريءَ سان هنن جي برخلاف ڪيو.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.


۽ آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس، ۽ پنهنجا معجزا، ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.


پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.


۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صيون، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ ۽ اوهان جي وچ ۾ منهنجو جلال ظاهر ڪيو ويندو: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اُن ۾ فتوائن جي تعميل ڪندس، ۽ اُن ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.


جڏهن آءٌ مصر جي زمين ويران ۽ غير آباد ڪندس، اهڙي زمين جنهن مان اُهي سڀ شيون گم ٿي وينديون، جن سان اُها ڀريل هئي، جڏهن آءٌ اتي جي سڀني رهڻ وارن کي ماريندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.


۽ آءٌ پنهنجي وڏائي ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس، ۽ گهڻين قومن جي نظر ۾ پاڻ کي مشهور ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


هائو، انهي زمين جا سڀ ماڻهو هنن کي دفن ڪندا؛ ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اُها هنن جي لاءِ هڪڙي ناموس جهڙي ڳالهہ ٿيندي، جنهن ڏينهن منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي.


تڏهن موسيٰ هارون کي چيو تہ، هيءَ اها ئي ڳالهہ آهي جا خداوند فرمائي هئي، تہ جيڪي منهنجي ويجهو ايندا، تن ۾ آءٌ پاڪ سمجهيو ويندس، ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان منهنجو جلال ظاهر ٿيندو: ۽ هارون ماٺ ڪري بيهي رهيو.


جيئن ڪ لکيل آهي تہ ”خدا هنن کي اڄوڪي ڏينهن تائين موڳائيءَ جو روح ڏنو، ۽ اهڙيون اکيون ڏنيون جي نہ ڏسن، ۽ اهڙا ڪَن ڏنا جي نہ ٻُڌن.“


ڇالاءِ جو پاڪ لکيت ۾ فرعون کي فرمايل آهي تہ ”اُنهي ئي لاءِ مون توکي کڙو ڪيو، تہ آئون تنهنجي ڪري پنهنجي قدرت ظاهر ڪريان، ۽ منهنجو نالو ساريءَ زمين تي پڌرو ٿي وڃي.“


تنهنڪري هو جنهن تي رحم ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن تي رحم ٿو ڪري، ۽ جنهن کي سخت دل ڪرڻ ٿو گهُري، تنهن کي سخت دل ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو اهو خداوند جو حڪم هو، جنهن هنن جون دليون سخت ڪيون، تہ اسرائيل سان اچي جنگ ڪن، انهي لاءِ تہ هو کين صفا ناس ڪري ڇڏين، ۽ مٿن ڪابہ مهرباني نہ ٿئي، بلڪ هنن کي چٽ ڪري ڇڏين، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ آءٌ يابين جي سپهہ سالار سيسرا کي سندس جنگي گاڏين، ۽ لشڪر سوڌو، قيسون نديءَ تائين تو وٽ وٺي ايندس؛ ۽ انهيءَ کي تنهنجي حوالي ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ