Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 14:3 - Sindhi Bible

3 ۽ فرعون بني اسرائيل جي بابت چوندو تہ هو انهيءَ زمين ۾ ڦاسي پيا آهن؛ ۽ اهي بيابان ۾ گهيرجي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 فرعون بني اسرائيل جي باري ۾ چوندو تہ اهي بيابان ۾ گھيرجي پيا آهن ۽ اتي ڦاسي ويا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 14:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجي ويهڻ ۽ اُٿڻ جي توکي خبر آهي، تون منهنجي خيالن کي پري کان ئي سمجهيو وٺين.


ڇو جو اي خداوند منهنجي وات ۾ اهڙو ڪو لفظ ڪونهي، جنهن جي توکي پوري خبر نہ هجي.


گهڻيئي منهنجيءَ جان جي بابت چون ٿا تہ هن کي خدا وٽان مدد ڪانہ ملندي.


اهي چون ٿا تہ خدا هن کي ڇڏي ڏنو آهي: هن جي پٺيان پئو؛ ۽ جهليوس؛ ڇو تہ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونهيس.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ پٺتي موٽن ۽ في هخيروت وٽ، مجدال ۽ سمنڊ جي وچ ۾، بعل صفون جي سامهون منزل ڪن، يعني اوهين سمنڊ جي ڪناري تي انهيءَ جي سامهون منزل ڪجو.


۽ آءٌ فرعون جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن جي پٺيان پوندو، ۽ آءٌ فرعون ۽ سندس ساري لشڪر تي غالب پوندس؛ ۽ مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان. سو هنن ائين ئي ڪيو.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟


تان تہ جيڪي تنهنجي هٿان ۽ تنهنجيءَ مرضيءَ پٽاندر اڳيئي مقرر ٿيل هو سو پورو ڪن.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون انهن تي اينديون، تڏهن هي گيت انهن تي شاهد وانگر شاهدي ڏيندو؛ ڇالاءِ جو اهو هنن جي اولاد جي وات مان وسري ڪين ويندو، ڇو جو مون کي خبر آهي، تہ هاڻي ئي، يعني جنهن ملڪ بابت مون قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ کين پهچايان تنهن کان اڳ ۾ ئي، انهن جا خيال ڪيڏانهن پيا ڊوڙن.


۽ غزہ جي ماڻهن کي خبر پيئي تہ سمسون اتي آيو آهي. تڏهن هو چوڌاري ڦري آيس، ۽ سڄي رات شهر جي دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسيا رهيا، ۽ ماٺ ڪري ويٺا رهيا، ۽ چيائون تہ ڀلي صبح جي روشني ٿئي تہ پوءِ هن کي ماريون.


تنهنڪري ڏسو ۽ هن جي لڪڻ جون سڀ جايون معلوم ڪريو، ۽ وري اچي مون کي پڪ ڏيو، تہ پوءِ آءٌ اوهان سان گڏجي هلندس: ۽ هيئن ٿيندو تہ جي هو انهي ملڪ ۾ هوندو، تہ يهوداہ جي سڀني هزارن مان بہ آءٌ هن کي ڳولي ڪڍندس.


۽ سائول کي خبر ملي تہ دائود قعيلہ ۾ آيو آهي. ۽ سائول چيو تہ خدا هن کي منهنجي چنبي ۾ آڻي وڌو آهي؛ ڇالاءِ جو هو اهڙي شهر ۾ اچي گهڙيو آهي جنهن کي دروازا ۽ گز آهن، تنهنڪري هو هاڻ بند ۾ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ