Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 13:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جنهن ملڪ جي ڏيڻ جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو ۽ جنهن ۾ آسودگي ۽ خوشحالي آهي، جڏهن خداوند اوهان کي انهيءَ ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ پهچائي تڏهن اوهين ساڳئي ئي مهيني ۾ اها رسم ادا ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 13:5
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.


نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


۽ اهو ڪم اوهين پنهنجي ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ قانون سمجهي هميشہ ڪندا رهجو.


تنهنڪري تون انهيءَ قانون تي سال بہ سال ٺهرايل وقت تي عمل ڪندو رهج.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند توکي ڪنعانين جي انهيءَ ملڪ مان آڻيندو، جنهن جو تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين، ۽ اهو ملڪ توکي ڏيندو،


۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جن کي تون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيو آهين، سي هتان روانا ٿي انهي ملڪ ڏانهن وڃو، جنهن بابت مون ابرهام، اسحاق، ۽ يعقوب کي قسم کڻي چيو تہ اهو آءٌ تنهنجي اولاد کي ڏيندس.


جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو تنهن تي عمل ڪج: ڏس، آءٌ امورين، ڪنعانين، حتين، فريزين، حوين، ۽ يبوسين کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان.


۽ مون انهن سان پنهنجو عهد بہ ڪيو آهي، تہ ڪنعان جو ملڪ، جنهن ۾ هو مسافرن وانگي رهندا هئا، سو کين ڏيندس.


آءٌ اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن بابت مون قسم کنيو آهي تہ اُهو ابرهام کي، اسحاق کي، ۽ يعقوب کي ڏيندس؛ ۽ اُهو اوهان کي ميراث ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


انهي لاءِ تہ جيڪو قسم مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان کنيو آهي سو قائم ڪريان، ۽ انهن کي اها زمين ڏيان جنهن ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي، جيئن ڪ اڄ آهي، تڏهن مون ورندي ڏئي چيو، تہ اي خداوند، آمين.


۽ انهن کي هيءَ زمين ڏني، جنهن جي ڏيڻ لاءِ تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پئي وهي؛


تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.


پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


هي سڀ ماڻهو منهنجي ئي پيٽ ۾ پيل هئا ڇا؟ جو تون مون کي چوين ٿو تہ جيئن ڪو پيءُ پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کڻندو آهي، تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟


۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.


خداوند هن اُمت کي انهي ملڪ ۾ پهچائي نہ سگهيو، جنهن بابت انهن سان قسم کنيو هئائين، تنهنڪري کين بيابان ۾ ماري وڌائين.


۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو.


جيڪي ماڻهو مصر مان نڪري آيا آهن، تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هوندي، اهو ملڪ ڪين ڏسندو، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو؛ ڇالاءِ جو انهن منهنجي پوري تابعداري نہ ڪئي آهي:


جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن قومن کي تباهہ ڪندو، جن کي قبضي ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ جڏهن تون انهن تي قبضو ڪري انهن جي ملڪ ۾ رهين؛


جن قومن جو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن کي جڏهن خداوند تنهنجو خدا تباهہ ڪري ڇڏيندو، ۽ تون انهن جو وارث ٿيندين، ۽ انهن جي شهر ۽ انهن جي گهرن ۾ رهندين،


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛


جڏهن خداوند تنهنجو خدا توکي انهي ملڪ ۾ پهچائي، جنهن کي هٿ ڪرڻ لاءِ تون وڃين ٿو، ۽ اتي جون ست قومون، يعني حتي، جرجاسي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حوي ۽ يبوسي، جي توکان وڏيون ۽ زور واريون آهن، تن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي؛


۽ اوهين يردن لنگهي پار پيا ۽ يريحو ۾ آيا: ۽ يريحو جا ماڻهو اوهان سان وڙهيا، يعني اموري، ۽ فرزي، ۽ ڪنعاني، ۽ حتي، ۽ جرجاسي، ۽ حوي، ۽ يبوسي؛ ۽ اُهي مون اوهانجن هٿن ۾ ڏنا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ