Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 13:2 - Sindhi Bible

2 بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”بني اسرائيل ۾ جيڪي پهريتا پٽ ڄمن، سي سڀ منهنجي لاءِ وقف ڪج. ماڻهن جا پهريتا پٽ توڙي جانورن جا پهريتا نر ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 13:2
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پنهنجن پٽن ۽ پنهنجي چوپائي مال مان پهريان ڄاول بہ، جيئن شريعت ۾ لکيل آهي، ۽ پنهنجن ڌڻن ۽ گلن جا پهريان ڄاول ڦر بہ، پنهنجي خدا جي گهر ۾، اُنهن ڪاهنن وٽ آڻيون، جي اسان جي خدا جي گهر ۾ خدمت ٿا ڪن:


۽ اسين پنهنجي ڳوهيل اٽي جي پهرين مُٺ، پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون، ۽ هر قسم جي وڻن جو ميوو، شراب ۽ تيل، ڪاهنن وٽ، پنهنجي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾ آڻينداسين؛ ۽ پنهنجي زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسين: ڇالاءِ جو اسانجن پوک وارن سڀني شهرن ۾ لاوي ڏهون حصو وٺندا آهن.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


تون خدا جي برخلاف نہ ڳالهائج، نڪي پنهنجيءَ قوم جي سردارن تي لعنت ڪج.


تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


تڏهن تون فرعون کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل منهنجو پٽ آهي، بلڪ منهنجو پهريتو پٽ آهي.


تنهن کانسواءِ تو پنهنجا پٽ ۽ پنهنجون ڌيئون، جي مون تو مان ڄڻيون هيون، سي کڻي تو هنن تي قربان ڪيون تہ اُهي کاڄي وڃن. تنهنجون زناڪاريون ڪي گهٽ آهن ڇا؟


جو تو منهنجا ٻار ڪُٺا آهن، ۽ هنن جي لاءِ باهہ مان لنگهائي انهن کي ڏيئي ڇڏيا اٿيئي؟


جانورن مان فقط پهريون ڄاول ٻچو، جو خداوند جي لاءِ پهريون ڦل آهي، تنهن کي ڪوبہ ماڻهو مخصوص نہ ڪري: پوءِ اهو ڍڳو هجي يا رڍ، اهو خداوند جو آهي.


سڀني جاندارن مان پيٽ جو پهريون ڦل، جنهن کي اهي خداوند جي لاءِ نذر ڪندا، سو تنهنجو ٿيندو، پوءِ اهو انسان جو هجي توڙي حيوان جو: پر تون انسان جي پهرين ڄاولن لاءِ عيوضو وٺي اُنهن کي ڇڏي ڏج، ۽ ناپاڪ حيوانن جي پهرين ڄاولن جو بہ تون عيوضو وٺج.


ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛


ڇالاءِ جو سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن؛ جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن اسرائيل ۾ سڀ پهريتا، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا: اهي منهنجا ٿيندا؛ آءٌ خداوند آهيان.


(جيئن تہ خداوند جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ سڀڪو پهريتو پٽ خداوند لاءِ پاڪ ڪري سڏبو)،


تنهنجن ڍورن ۽ تنهنجن ڌڻن ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا هجن، سي تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ڪري ڇڏج: تون پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺج، نڪي پنهنجي ڌڻ ۾ پهرئين ڄاول ٻچي جي اُن ڪترج.


۽ پهريتن جي عام جماعت، يعني ڪليسيا وٽ، جن جا نالا آسمان جي ياداشت ۾ داخل آهن. ۽ سڀني جي منصف خدا وٽ، ۽ ڪامل ڪيل راستبازن جي روحن وٽ،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ