Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 13:18 - Sindhi Bible

18 پر خدا انهن ماڻهن کي ٻئي پاسي بيابان مان، ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان وٺي آيو: ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پر خدا انهن ماڻهن کي بيابان منجھان ڳاڙهي سمنڊ ڏانهن وٺي آيو. بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 13:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسف بني اسرائيل کان قسم کڻائي کين چيو تہ خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، پوءِ اوهين منهنجا هڏا هتان کڻي وڃجو.


هن انهن کي سنئين واٽ ۾ هلايو، تہ اهي رهڻ لاءِ ڪنهن شهر ۾ وڃن.


انهي جو جنهن بيابان ۾ پنهنجي اُمت جي رهبري ڪئي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


تڏهن ڌرتي ڌٻي، ۽ آسمان خدا جي حضور ۾ وهي ويا: ۽ سينا جبل بہ خدا جي حضور ۾ ڏڪڻ لڳو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


بني اسرائيل کي چئُہ تہ پٺتي موٽن ۽ في هخيروت وٽ، مجدال ۽ سمنڊ جي وچ ۾، بعل صفون جي سامهون منزل ڪن، يعني اوهين سمنڊ جي ڪناري تي انهيءَ جي سامهون منزل ڪجو.


۽ مصرين اُنهن جي پٺ ورتي، يعني فرعون جا سڀيئي گهوڙا، ۽ گاڏيون، ۽ سندس سوار، ۽ لشڪر، کين اتي وڃي پهتا، جتي سمنڊ جي ڪناري تي في هخيروت وٽ، بعل صفون جي سامهون هنن منزل ڪئي هئي.


۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.


خداوند هن کي رڻ پٽ ۾، ۽ سڃي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ لڌو هو؛ هو انهي جي آس پاس رهيو، ۽ انهي جي سنڀال ڪيائين، ۽ انهي کي پنهنجيءَ اک جي ماڻڪيءَ وانگر رکيائين.


اوهان جون زالون، اوهان جا ٻار، ۽ اوهان جو چوپايو مال انهيءَ زمين ۾ رهندو، جا يردن جي هن ڀر موسيٰ اوهان کي ڏني؛ پر اوهين سڀ جي زور ۽ همت وارا ماڻهو آهيو، سي پنهنجن ڀائرن جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهو، ۽ هنن جي مدد ڪريو؛


۽ بني روبن، ۽ بني جد، ۽ منسيءَ جو اڌ فرقو، اهي بني اسرائيل جي اڳيان هٿيار ٻڌي پار لنگهيا، جيئن موسيٰ کين فرمايو هو:


اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو جنگ جي لاءِ تيار ٿي، خداوند جي اڳيان پار لنگهي يريحو جي ميدان تي لڙائي لاءِ آيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ