Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 13:16 - Sindhi Bible

16 ۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 تنهنڪري اها رسم ڄڻ تہ توهان جي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي ۽ توهان جي اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي، تہ خداوند پنهنجي طاقتور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 13:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي اهي تنهنجا ٻانها، ۽ تنهنجي قوم آهن، جن کي تو پنهنجي وڏي طاقت، ۽ پنهنجي مضبوط هٿ سان ڇڏايو آهي.


۽ اسرائيل کي انهن منجهان ڪڍي آيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


۽ جن گهرن ۾ اوهين رهو ٿا، تن تي اهو رت اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو؛ ۽ آءٌ اهو رت ڏسي اوهان کي ڇڏي لنگهي ويندس، ۽ جڏهن آءٌ مصر جي ملڪ وارن کي ماريندس، تڏهن اوهان کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪابہ آفت اوهان تي ڪانہ ايندي.


۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


تڏهن خداوند، موسيٰ کي چيو تہ هاڻي تون ڏسج تہ آءٌ فرعون سان ڇا ٿو ڪريان؛ ڇالاءِ تہ زوراور هٿ سان هو انهن کي وڃڻ ڏيندو، ۽ زوراور هٿ جي ڪري ئي هو کين پنهنجي ملڪ مان هڪالي ڪڍندو.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


انهن کي هميشہ پنهنجيءَ دل تي ٻڌي ڇڏ، ۽ پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ڳنڍ ڏيئي ڇڏين.


۽ هاڻي، اي خداوند اسان جا خدا، تو پنهنجي قوم کي زوراور هٿ سان مصر جي زمين مان ڪڍي آندو آهي، ۽ پنهنجي ناموس ڪڍي اٿيئي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي؛ اسين گنهگار آهيون، اسان شرارت جا ڪم ڪيا آهن.


پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،


هن اسرائيلي اُمت جي خدا اسان جي ابن ڏاڏن کي چونڊي ڪڍيو، ۽ جڏهن اُها اُمت مصر ملڪ ۾ مسافر ٿي رهندي هئي، تڏهن اُن کي سرفراز ڪيائين، ۽ زور واري ٻانهن سان کين اُتان ڪڍي آيو.


تنهنڪري منهنجون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۾، ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو؛ ۽ اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجي ٻانهن تي ٻڌجو، ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي طوق وانگر هجن.


۽ خداوند اسان کي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏيءَ هيبت سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو:


تون ياد رک تہ تون پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين، ۽ خداوند تنهنجي خدا پنهنجي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان توکي اتان ٻاهر ڪڍي آندو: تنهنڪري خداوند تنهنجي خدا سبت جي ڏينهن کي ياد رکڻ جو توکي حڪم ڏنو.


تڏهن تون پنهنجي پٽ کي چئج، تہ اسين مصر ۾ فرعون جا غلام هئاسين؛ ۽ خداوند پنهنجي زوراور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو:


۽ هنن خداوند، پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو، جنهن هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو، ۽ ٻين معبودن، يعني آس پاس وارين قومن جي معبودن جي پيروي ڪيائون، ۽ اُنهن کي سجدو ڪيائون: ۽ خداوند کي ڪاوڙايائون،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ