Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 13:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند توکي ڪنعانين جي انهيءَ ملڪ مان آڻيندو، جنهن جو تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين، ۽ اهو ملڪ توکي ڏيندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين جي ملڪ ۾ پهچائي اهو اوهان کي عطا ڪري، جنهن جي ڏيڻ جو هن اوهان سان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 13:11
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڏينهن خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪيو ۽ چيائينس تہ مون هي ملڪ مصر جي نديءَ کان وٺي، وڏي ندي يعني فرات نديءَ تائين تنهنجي اولاد کي ڏنو آهي.


آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.


ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس.


ڇالاءِ تہ جيڪو پاڪ قول پنهنجي بندي ابرهام سان ڪيو هئائين، تنهن کي ياد ڪيائين.


۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.


تون ابرهام، اسحاق ۽ اسرائيل کي ياد ڪر، جي تنهنجا ٻانها هئا، جن کي تو پنهنجو قسم کڻي چيو تہ آءٌ اوهان جو اولاد آسمان جي تارن جيترو وڌائيندس، ۽ هيءُ سارو ملڪ، جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي، سو اوهان جي اولاد کي ڏيندس، ۽ اهي هميشہ جي لاءِ انهي جا وارث ٿيندا.


هي سڀ ماڻهو منهنجي ئي پيٽ ۾ پيل هئا ڇا؟ جو تون مون کي چوين ٿو تہ جيئن ڪو پيءُ پنهنجي کير پياڪ ٻار کي کڻندو آهي، تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ