Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:6 - Sindhi Bible

6 ۽ اوهين هن کي انهيءَ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ تائين رکي ڇڏجو: پوءِ اسرائيلين جي ساري جماعت شام جي وقت انهيءَ کي ذبح ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 هر ڪٽنب ان کي ساڳئي مهيني جي چوڏهين تاريخ تائين پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکي. پوءِ انهيءَ ڏينهن شام جي وقت بني اسرائيل جو هر ڪٽنب انهيءَ کي ذبح ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:6
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسياہ يروشلم ۾ خداوند جي لاءِ فسح جي عيد ڪئي: ۽ هنن پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ عيد جي قرباني ذبح ڪئي.


۽ قيد مان آيل ماڻهن، پهرين مهيني جي چوڏهين ڏينهن فسح جي عيد ڪئي.


۽ اهو ڏينهن اوهان جي لاءِ يادگار رهندو، ۽ اوهين هميشہ پيڙهي بہ پيڙهي انهيءَ ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪندا رهجو.


۽ اها فطيري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇالاءِ جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن مون اوهانجن لشڪرن کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو آهي: تنهنڪري اوهين انهيءَ ڏينهن کي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون سمجهي قائم رکجو.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين فطيري ماني کائيندا رهجو.


اسرائيل جي ساري جماعت انهيءَ تي عمل ڪري.


پوءِ هو ايليم مان روانا ٿيا، ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان ۾ آئي، جو ايليم ۽ سينا جي وچ ۾ آهي: ۽ مصر جي ملڪ مان نڪرڻ کان پوءِ ٻئي مهيني جي پندرهين تاريخ هو اتي پهتا.


مون بني اسرائيل جي شڪايت ٻڌي آهي؛ هنن کي چئُہ تہ اوهين شام جي وقت گوشت کائيندا، ۽ صبح جو اوهان کي ڍؤ تي ماني ملندي؛ ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جنهن ڏينهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان نڪتي ٽي مهينا پورا ٿيا، تنهن ساڳئي ڏينهن هو سينا جي بيابان ۾ آيا.


هڪڙو گهٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج.


۽ ٻيو گهٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج، ۽ انهي سان گڏ بہ صبح وانگر کائڻ ۽ پيئڻ جي قرباني ڪج، انهي لاءِ تہ چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ اوهين ست ڏينهن برابر فسح جي عيد ڪجو؛ فقط اڻ خميري ماني کائجو.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو خداوند جو فسح آهي.


۽ پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ، خداوند جي فسح جي عيد آهي.


پهرئين ڏينهن پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪو محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو:


ٻئي مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو هو اها عيد ملهائين، ۽ هو اها فطيري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان گڏ کائين.


هاڻي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن خلق کي چوري انهيءَ تي بيهاريو تہ هو برابا جي لاءِ عرض ڪن، ۽ يسوع کي مارائين.


۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.


۽ سردار ڪاهنن صبح ٿيڻ شرط بزرگن ۽ فقيهن ۽ سڄي صدر مجلس سان صلاح مشورت ڪئي، ۽ يسوع کي ٻَڌي وٺي ويا، ۽ پلاطس جي حوالي ڪيائونس.


پر سردار ڪاهنن خلق کي چوري بيهاريو تہ هو سندن خاطر انهي جي بدران برابا کي ڇڏي ڏئي.


۽ جڏهن هن کي صليب تي چاڙهيائون، تڏهن ڏينهن جو هڪڙو پهر گذريو هو.


۽ ماڻهو ميڙ ڪري وٽس ويا، ۽ عرض ڪرڻ لڳس تہ جيئن تون هميشہ اسان لاءِ ڪندو آهين، تيئن هاڻ بہ ڪر.


تڏهن سڄي جماعت اُٿي کڙي ٿي، ۽ پيلاطس وٽ وٺي آيس.


پر اُنهن سڀني گڏجي هُل مچايو، ۽ چوڻ لڳا تہ هن ماڻهوءَ کي ڪڍ، ۽ برابا کي اسان جي خاطر ڇڏي ڏي.


۽ جڏهن هو خدا جي مقرر انتظام ۽ پيش بينيءَ جي ڪري جهلايو ويو، تڏهن هن کي اوهان بي دين ماڻهن جي هٿان صليب تي چاڙهي مارايو:


۽ اوهان انهي پاڪ ۽ راستباز جو انڪار ڪري، هڪڙي خونيءَ جي لاءِ عرض ڪيو تہ اسان لاءِ ڇڏيو وڃي،


ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،


پوءِ بني اسرائيل جلجال ۾ منزل ڪئي، ۽ يريحو جي ميدانن ۾، فسح جي عيد انهيءَ مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو ملهائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ