Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:41 - Sindhi Bible

41 ۽ چار سؤ ٽيهن ورهين کان پوءِ، انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند جا سڀ لشڪر مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 انهن چار سؤ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي خداوند جي قوم جا سڀ قبيلا مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:41
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نيٺ يوسف پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ هاڻ آءٌ مرڻ تي آهيان: پر خدا ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي، انهيءَ ملڪ ۾ نيندو: جنهن جو هن ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو.


بني اسرائيل مصر جي زمين مان نڪتا تنهن کان چار سؤ اسي ورهيہ پوءِ، ۽ اسرائيل تي سليمان جي بادشاهيءَ جي چوٿين ورهيہ ۾، زيو جي مهيني ۾، جو ٻيو مهينو آهي، هيئن ٿيو جو هن خداوند جو گهر جوڙڻ شروع ڪيو.


انهيءَ طرح خداوند حبشين کي آسا جي اڳيان ۽ يهوداہ جي اڳيان شڪست ڏني؛ ۽ حبشي اُٿي ڀڳا.


تون اُٿي صيون تي رحم ڪندين: ڇو تہ انهيءَ تي قياس ڪرڻ جو وقت آيو آهي، هائو مقرر وقت اچي پهتو آهي.


جڏهن اسرائيل مصر مان، ۽ يعقوب جو گهراڻو ڌاريءَ ٻوليءَ ڳالهائيندڙ ماڻهن مان نڪري آيو:


۽ اسرائيل کي انهن منجهان ڪڍي آيو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


۽ اها فطيري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇالاءِ جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن مون اوهانجن لشڪرن کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو آهي: تنهنڪري اوهين انهيءَ ڏينهن کي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون سمجهي قائم رکجو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو خداوند بني اسرائيل کي سندن لشڪرن موجب مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.


۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.


تنهنڪري هاڻي اچ تہ آءٌ توکي فرعون ڏانهن موڪليان تہ تون منهنجي اُمت بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي اچين.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


هي اهي هارون ۽ موسيٰ آهن، جن کي خداوند فرمايو تہ بني اسرائيل کي سندن لشڪر موجب، مصر جي ملڪ مان ڪڍي اچو.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.


ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.


انهي لاءِ تہ اوهان جي سڀ ڪنهن پيڙهيءَ کي خبر پوي، تہ جڏهن مون بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، تڏهن انهن کي تنبن ۾ رهايم: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇالاءِ جو رويا اڃا بہ مقرر ڪيل وقت تائين آهي، ۽ اُهو پڇاڙيءَ ڏي تڪڙو لنگهندو وڃي ٿو، ۽ ڪوڙ نہ چوندو: جيتوڻيڪ اُهو دير ڪندو، تہ بہ تون انهيءَ لاءِ منتظر رهہ، ڇالاءِ جو اُهو ضرور ايندو ۽ دير ڪين ڪندو.


خدا هنن کي مصر مان ڪڍي آندو آهي؛ هنن ۾ ڄڻ جهنگلي سان جهڙو زور آهي.


جڏهن بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون جي هٿ هيٺ پنهنجن لشڪرن سان گڏ، مصر جي ملڪ مان نڪري هليا، تڏهن انهن هي منزلون ڪيون.


اوهين عيد تي وڃو، منهنجو تہ اڃا انهيءَ عيد تي وڃڻ ڪونهي، جو منهنجو وقت اڃا ڀرجي ڪونہ آيو آهي.


تڏهن چيائين تہ وقت ۽ معيادون، جي ابي پنهنجي وس رکيون آهن، تن کي ڄاڻڻ اوهان جو ڪم ناهي.


اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.


تون ابيب جو مهينو ياد رکج، ۽ انهي ۾ خداوند پنهنجي خدا جو فسح ڪج: ڇالاءِ جو انهي ابيب جي مهيني ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.


۽ جيئن تہ هن کي تنهنجن ابن ڏاڏن سان محبت هئي، تنهنڪري انهن کان پوءِ هن انهن جي اولاد کي چونڊيو، ۽ تنهنجو ساڻي ٿي، پنهنجيءَ وڏيءَ قدرت سان توکي مصر مان ڪڍي آندائين؛


۽ مون موسيٰ ۽ هارون کي موڪليو، ۽ جيڪي ڪم مون اُتي ڪيا انهن موجب مصر تي مصيبتون موڪليم: ۽ تنهن کان پوءِ مون اوهان کي ٻاهر آندو.


۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ