Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جيڪڏهن اهو خاندان ايترو ننڍو هجي، جو سڄو گهيٽو کائي نہ سگهي، تہ اهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي، ڀاتين جي تعداد موجب، هڪڙو گهيٽو کڻي؛ هر ڪنهن ماڻهوءَ جي کاڌي موافق اوهين گهيٽي جي لاءِ پنهنجو حساب ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 جيڪڏهن سندس ڪٽنب ايترو ننڍو هجي جو سڄو گھيٽو کائي نہ سگھي، تہ پوءِ هو پنهنجي ويجھي پاڙيسريءَ سان گڏجي ڀاتين جي تعداد موجب هڪ گھيٽو چونڊي. هر هڪ ماڻهوءَ جي کائڻ جي مقدار موجب گھيٽي جو حساب ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:4
4 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ اڄ اسي ورهين جو آهيان: آءٌ چڱي ۽ بڇڙي جي وچ ۾ تميز ڪري سگهان ٿو ڇا؟ جيڪي آءٌ کاوان ٿو، يا پيئان ٿو، انهيءَ جو مزو تنهنجو ٻانهو چکي سگهي ٿو ڇا؟ آءٌ ڪو هاڻي ڳائيندڙ مردن ۽ زالن جو آواز ٻڌي سگهان ٿو ڇا؟ تڏهن ڇو تنهنجو ٻانهو منهنجي ڌڻي بادشاهہ تي اڃا بہ بوجو ٿي پوي؟


اوهين اسرائيلين جي سڄيءَ جماعت کي چئو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هرڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي خاندان موجب، پنهنجي پنهنجي گهر لاءِ هڪڙو گهيٽو کڻي.


اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


۽ شاگردن ائين ئي ڪيو جيئن يسوع فرمايو هُئن؛ ۽ هنن فسح جي تياري ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ