Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:3 - Sindhi Bible

3 اوهين اسرائيلين جي سڄيءَ جماعت کي چئو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هرڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي خاندان موجب، پنهنجي پنهنجي گهر لاءِ هڪڙو گهيٽو کڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين بني اسرائيل جي سڄيءَ قوم کي هدايت ڏيو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هر ڪنهن ڪٽنب جو وڏو پنهنجي پنهنجي گھر لاءِ هڪڙو گھيٽو چونڊي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:3
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن ابرهام چيو تہ منهنجا پٽ، خدا پاڻيهي سوختني قربانيءَ جي لاءِ گهيٽو موجود ڪندو. سو هو ٻئي گڏجي هلندا ويا.


۽ هابل بہ پنهنجين رڍن ٻڪرين مان پهريان ڦر ۽ چرٻي آندي. ۽ خداوند هابل ۽ سندس نذراني کي قبول ڪيو:


۽ يوسياہ بني اُمت کي ڌڻ مان گهيٽا ۽ ڇيلا، انهن سڀني کي ڏنا جي حاضر هئا، تہ فسح جي قرباني ڪن، ۽ اهي ڳاڻاٽي ۾ ٽيهہ هزار هئا، ۽ ٽي هزار ڏاند هئا: اهي بادشاهہ جي مال مان هئا.


هي مهينو اوهان جي لاءِ مهينن جو شروع، ۽ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.


تنهن کان پوءِ موسيٰ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گهرائي چيو تہ اوهين پنهنجن خاندانن موجب پنهنجا گهيٽا چونڊيو، ۽ وڃي اهو فسح جو گهيٽو ذبح ڪريو.


۽ جيڪڏهن اهو خاندان ايترو ننڍو هجي، جو سڄو گهيٽو کائي نہ سگهي، تہ اهو پنهنجي پاڙيسريءَ سان گڏجي، ڀاتين جي تعداد موجب، هڪڙو گهيٽو کڻي؛ هر ڪنهن ماڻهوءَ جي کاڌي موافق اوهين گهيٽي جي لاءِ پنهنجو حساب ڪجو.


۽ اوهين هن کي انهيءَ ساڳئي مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ تائين رکي ڇڏجو: پوءِ اسرائيلين جي ساري جماعت شام جي وقت انهيءَ کي ذبح ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون منهنجي حضور ۾ ڇو ٿو پڪارين؟ بني اسرائيل کي چئُہ تہ اڳتي هلن.


۽ هنن موسيٰ کي چيو تہ تون اسان سان ڳالهاءِ تہ اسين ٻڌون؛ پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.


۽ جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي ٻڌايون هيون سي هارون بيان ڪيون، ۽ هن ماڻهن جي اڳيان معجزا بہ ڪري ڏيکاريا.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ آءٌ خداوند آهيان، آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس، ۽ هنن جي غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو هٿ ڊگهيري هنن کي سخت سزائون ڏيئي، اوهان کي ڇوٽڪارو ڏيندس.


اسان جي قيد جي پنجويهين ورهيہ ۾، يعني شهر جي برباد ٿيڻ کان پوءِ چوڏهين سال ۾، سال جي شروع ۾ يعني ڏهين تاريخ، انهي ساڳي ڏينهن، خداوند جو هٿ مون تي هو ۽ اُنهي مون کي اُتي آندو:


بني اسرائيل کي چئُہ، تہ جڏهن اوهان مان ڪو ماڻهو خداوند جي حضور ۾ قرباني چاڙهي، تڏهن اوهين پنهنجي قرباني، چوپائي مال مان، يعني ڍورن ۽ ڌڻن مان آڻجو.


پوءِ جيڪو گناهہ ڪيو هجيس، انهي جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ پنهنجي قرباني آڻي، اها قرباني ڌڻن مان ڪو گهيٽو يا ٻڪري هئڻ گهرجي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري.


هرهڪ وهڙي، ۽ هرهڪ گهٽي، ۽ هرهڪ گهيٽي، ۽ هرهڪ ڇيلي لاءِ، انهيءَ طرح ڪيو وڃي.


ٻئي ڏينهن هن يسوع کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي چيو، تہ ڏسو خدا جو گهيٽو، جو جهان جو گناهہ کڻي ٿو وڃي!


تڏهن يسوع کي گهُمندو ڏسي، ڏانهنس نهاري چيائين، اِجهو خدا جو گهيٽو!


پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو.


ٻئي ڏينهن هڪ وڏي خلق، جا عيد تي آئي هئي، تنهن جڏهن ٻُڌو تہ يسوع يروشلم ۾ ٿو اچي،


جيئن تہ اوهين بي خمير آهيو، پراڻو خمير ڪڍي ڦٽو ڪريو، تہ نئون تازو ڳوهيل اٽو ٿي پئو. ڇالاءِ جو اسان جو فسح بہ قربان ٿي ويو آهي، يعني مسيح.


تنهنڪري سڀاڻي صبح جو اوهين پنهنجي فرقن موجب اچجو: ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن فرقي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن قبيلن موجب ايندو؛ ۽ جنهن قبيلي کي خداوند پڪڙيندو سو پنهنجن گهراڻن موجب ايندو؛ ۽ جنهن گهراڻي کي خداوند پڪڙيندو سو ماڻهو ماڻهو ٿي ايندو.


۽ سڀني زمين جي رهاڪن انهن جي بندگي ٿي ڪئي، سواءِ اُنهن جي، جن جا نالا دنيا جي پيدائش کان وٺي ذبح ڪيل گهيٽي جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


۽ سموئيل هڪڙو کير پياڪ گهيٽو کنيو، ۽ خداوند جي حضور ۾ اسرائيل جي لاءِ اهو سڄو سارو سوختني قرباني ڪري چاڙهيائين؛ ۽ اسرائيل جي لاءِ دعا گهريائين؛ ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ