Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 12:2 - Sindhi Bible

2 هي مهينو اوهان جي لاءِ مهينن جو شروع، ۽ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”هي مهينو اوهان جي لاءِ سال جو پهريون مهينو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 12:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بادشاهہ اخسويرس جي بادشاهت جي ٻارهين سال جي پهرين مهيني ۾، جو نيسان جو مهينو آهي، هنن هامان جي روبرو پور يعني ڪُڻو وڌو، ۽ اُهو روز بروز، ۽ ماهہ بماهہ، ٻارهين مهيني تائين، جو ادار جو مهينو آهي، وجهندا رهيا.


پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون سان مصر جي ملڪ ۾ ڳالهايو ۽ چيائين تہ


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام کان وٺي ايڪيهين تاريخ شام تائين اوهين فطيري ماني کائيندا رهجو.


اوهين اسرائيلين جي سڄيءَ جماعت کي چئو تہ هن مهيني جي ڏهين تاريخ، هرڪو ماڻهو پنهنجي اباڻي خاندان موجب، پنهنجي پنهنجي گهر لاءِ هڪڙو گهيٽو کڻي.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


اوهين ابيب مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن ٻاهر نڪتا آهيو.


فطيري ماني جي عيد ياد رکج: جيئن مون توکي اڳيئي حڪم ڪيو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج (ڇالاءِ جو انهي مهيني ۾ تون مصر مان نڪتين)؛ ۽ ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


تون فطيري ماني جي عيد ڪندو رهج. جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ابيب مهيني ۾ ٺهرايل وقت تي ست ڏينهن فطيري ماني کائج. ڇالاءِ جو ابيب مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا.


۽ ٻئي سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو عبادت جو خيمو کڙو ڪيو ويو،


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ، تون هڪڙو بي عيب وهڙو وٺج؛ ۽ پاڪ مڪان کي صاف ڪج.


پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ اوهين ست ڏينهن برابر فسح جي عيد ڪجو؛ فقط اڻ خميري ماني کائجو.


پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ شام جو خداوند جو فسح آهي.


۽ پهرئين مهيني جي چوڏهينءَ تاريخ، خداوند جي فسح جي عيد آهي.


تون ابيب جو مهينو ياد رکج، ۽ انهي ۾ خداوند پنهنجي خدا جو فسح ڪج: ڇالاءِ جو انهي ابيب جي مهيني ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ