سو تون انهي ماڻهوءَ جي زال کيس موٽائي ڏي؛ ڇالاءِ جو هو نبي آهي، ۽ هو تو لاءِ دعا گهرندو ۽ تون جيئرو رهندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ تون ۽ ٻيا جيڪي تنهنجا آهن، سي ضرور مرندا.
۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.