Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 11:6 - Sindhi Bible

6 ۽ مصر جي ملڪ ۾ اهڙو ماتم مچي ويندو، جهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو، نہ هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 مصر جي سڄي ملڪ ۾ اهڙو تہ ماتم مچي ويندو، جو اهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو ۽ نہ وري هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 11:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر بني اسرائيل مان ڪنهن بہ ماڻهوءَ يا جانور تي ڪتو بہ ڪين ڀونڪندو: انهي لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ خداوند مصرين ۽ اسرائيلين جي وچ ۾ ڪهڙو فرق ٿو ڪري.


۽ انهيءَ رات فرعون، ۽ سندس نوڪر، ۽ سڀيئي مصري اُٿيا، ۽ مصر ۾ ڏاڍو ماتم مچي ويو؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ گهر ڪونہ هو، جنهن ۾ ڪو موت نہ ٿيو هجي.


۽ خداوند چيس تہ منهنجي اُمت، جا مصر ۾ آهي، تنهن جي مصيبت مون ڏٺي آهي، ۽ سندن مقدمن جي سختيءَ جي ڪري سندن دانهن ٻڌي اٿم؛ مون کي هنن جي ڏکن جي خبر آهي،


ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.


جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو پاڻ بہ دانهون ڪندو پر ٻڌندس ڪوبہ ڪونہ.


ڇالاءِ جو موآب جي سرحدن جي چوڌاري رڙ پئجي ويئي آهي؛ انهيءَ جي واويلا اجلائم ۽ بيرايليم تائين پهچي وئي آهي.


انهيءَ ڏينهن، لشڪرن جو خداوند جيڪو پنهنجو هٿ ان جي مٿان لوڏي ٿو تنهن جي ڊپ کان، مصر جا رهاڪو زالن جهڙا ٿي پوندا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي.


هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي.


۽ سڀني ڊاک جي منهن ۾ واويلا پئجي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي وچان لنگهندس.


۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ ڏينهن مڇيءَ واري دروازي کان رڙ جو آواز، ۽ ٻئي پاڙي مان رودن، ۽ ٽڪرن تان وڏو ڪڙڪو ايندو.


جڏهن اوهين ابراهيم، ۽ اسحاق، ۽ يعقوب، ۽ سڀني نبين کي خدا جي بادشاهت ۾ ڏسندا، ۽ پاڻ کي ٻاهر ڌڪيل، تڏهن اُتي روئڻ ۽ ڏند ڪرٽڻ ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ