Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 11:5 - Sindhi Bible

5 ۽ مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار مري ويندا. فرعون، جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي کان وٺي، انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي تائين جا جنڊ ٿي پيهي؛ ۽ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا ٻچا مري ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ان وقت مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا پٽ مري ويندا، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو آهي، تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ ٻانهيءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪا جنڊ ٿي پيهي. ان کان سواءِ چوپائي مال جا بہ سڀ پهريتا نر ٻچا مري ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 11:5
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن جي ملڪ جي پهريتن کي، يعني سندن طاقت جي پهرئين ڦل کي ماري وڌو.


هن مصر جا پهريان ڄاول ٻار ماري وڌا، انسان جا توڙي حيوان جا.


انهي جو جنهن مصر جي پهريتن کي ماريو: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي.


۽ مصر جي پهريتن کي ماريائين، يعني جيڪي حام جي تنبن ۾ سندن طاقت جو پهريون ڦل هئا.


ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.


پوءِ هيئن ٿيو جو آڌيءَ رات جو مصر جي ملڪ ۾ فرعون، جو تخت تي ويٺو هو، تنهن جي پهريتي ٻار کان وٺي، قيدي، جو قيد خاني ۾ هو، تنهن جي پهريتي ٻار تائين، جيڪي بہ پهريتا ٻار هئا، ۽ جانورن جا جيڪي پهريتا ٻچا هئا، سي سڀ خداوند ماري وڌا.


۽ جڏهن فرعون اسان کي وڃڻ نٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا، يعني ماڻهن جا پهريتا ٻار، ۽ جانورن جا پهريان ٻچا ماري ڇڏيا: تنهنڪري جيڪي ٻچا پهرين ٿا ڄمن، تن مان نر آءٌ قربان ٿو ڪريان، پر پنهنجن پٽن جي پهريتن جي بدران عيوضو ٿو ڏيان.


سو آءٌ توکي چوان ٿو تہ منهنجي پٽ کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري؛ ۽ جي تون هن کي موڪل نہ ڏيندين، تہ آءٌ تنهنجو پٽ، تنهنجو پهريتو پٽ ماري وجهندس.


جنڊ کڻي ويهي اَن پيهہ: پنهنجو نقاب لاهي ڇڏ؛ گهاگهرو ويڙهي ٽَنگ اُگهاڙي ڪري ندين مان لنگهي وڃ.


جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا.


ٻہ زالون ويٺيون جنڊ پيهنديون؛ هڪڙي کڄي ويندي، ۽ ٻي رهجي ويندي.


ايمان ئي جي ڪري هن فسح جي قرباني ڪئي ۽ رت ڇڻڪيائين، تان تہ پهريتن ٻارن جو برباد ڪندڙ کين هٿ نہ لائي.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ