Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 11:3 - Sindhi Bible

3 ۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي، ۽ فرعون جا نوڪر ۽ سندس ماڻهو، موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند بني اسرائيل جي ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي. اهڙيءَ طرح مصر جي ملڪ ۾ فرعون جا عملدار ۽ سندس ماڻهو موسيٰ کي وڏو بزرگ سمجھڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 11:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس، توکي برڪت ڏيندس، تنهنجو نالو سرفراز ڪندس ۽ تون برڪت جو سبب ٿيندين.


پر خداوند يوسف سان هو، ۽ مٿس رحم ڪري قيد خاني جي داروغي کي مٿس مهربان ڪيائين.


۽ جيڏي تون ويندو هئين اوڏي آءٌ توسان پئي رهيو آهيان، ۽ تنهنجا سڀ دشمن تنهنجي اڳيان مون وڍي ڇڏيا آهن؛ ۽ آءٌ تنهنجو نالو اهڙو وڏو ڪندس جهڙو وڏن ماڻهن جو، جي دنيا ۾ آهن.


ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو.


۽ جن انهن کي قيد ڪيو هو، تن جي دل ۾ قياس وڌائين.


۽ بني اسرائيل، موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان چانديءَ ۽ سون جا زيور ۽ ڪپڙا گهري ورتا؛


۽ خداوند انهن ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ اهڙي عزت بخشي جو هنن جيڪي بہ گهريو، سو کين ڏنائون. سو هنن مصرين کي ڦريو لٽيو.


۽ آءٌ هن اُمت کي مصرين جي نظر ۾ عزت ڏيندس؛ ۽ جڏهن اوهين نڪرندا، تڏهن خالي هٿين ڪين نڪرندا.


۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا.


۽ موسيٰ کي مصرين جي سڀ ڪنهن قسم جي حڪمت جي تعليم ملي: ۽ هو ڪلام توڙي ڪمن ۾ طاقت وارو هو.


انهي وقت کان وٺي اسرائيل ۾ موسيٰ جهڙو نبي پيدا ڪونہ ٿيو، جنهن سان خداوند روبرو ملاقات ڪئي؛


۽ جنهن کي خداوند مصر جي ملڪ ۾ فرعون ڏانهن، ۽ سندس نوڪرن ڏانهن، ۽ سندس ساري ملڪ ڏانهن، نشان ۽ معجزا ڏيکارڻ لاءِ موڪليو؛


انهيءَ ڏينهن خداوند اسرائيل جي نظر ۾ يشوع جي وڏائي ظاهر ڪئي؛ ۽ سندس حياتيءَ جا سڀ ڏينهن هو کانئس اهڙو ڊڄندا هئا جهڙو موسيٰ کان ڊڄندا هئا.


ڏس، آئون شيطان جي جماعت مان انهن کي تنهنجي حوالي ڪندس، جي پاڻ کي يهودي ٿا چوائين ۽ آهن ڪين، پر ڪوڙ ٿا ڳالهائين. ڏس، آئون ائين ڪندس جو هو اچي تنهنجي پيرن وٽ سجدو ڪندا، ۽ ڄاڻندا تہ مون توکي پيار ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ