Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن موسيٰ چيو تہ اسين پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجن ڍورن ۽ ڌڻن سوڌا وينداسين، ڇالاءِ جو اسين ضرور خداوند جي لاءِ عيد ڪنداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 موسيٰ وراڻيس تہ ”اسين سڀ پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجين رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن سوڌا وينداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خداوند جي شان ۾ عيد ملهائڻي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوسف جي گهر جا سڀيئي ماڻهو، ۽ سندس ڀائر، ۽ سندس پيءُ جي گهر جا سڀ ڀاتي گڏجي هليا: فقط هنن پنهنجا ٻار، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ پنهنجا ڌڻ، جشن جي زمين ۾ ڇڏيا.


تڏهن هن کين چيو تہ خداوند اوهان سان هجي، جيڪڏهن آءٌ اوهانجن ٻارن ٻچن سوڌو اوهان کي وڃڻ ڏيان تہ ڏسو، اوهان جي نيت خراب آهي:


اسان جو چوپايو مال بہ ضرور اسان سان هلندو؛ هڪڙو کر بہ پٺتي نہ رهندو؛ ڇالاءِ جو انهن مان اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين؛ ۽ جيسين اسين اتي نہ وڃون، تيسين خبر ڪانہ اٿئون تہ ڪهڙا خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.


پنهنجي چوڻ موجب پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ بہ وٺي وڃو؛ ۽ منهنجي لاءِ بہ برڪت گهرجو.


پوءِ بني اسرائيل رعمسيس کان مسافري ڪندا سڪات تائين آيا، ۽ اهي ٻارن کان سواءِ فقط مرد ماڻهو ڇهہ لک هئا.


۽ ٻين ذاتين جو هڪڙو وڏو گڏيل انبوهہ بہ ساڻن گڏ روانو ٿيو، ۽ ڍور ۽ ڌڻ بہ ساڻن هئا، مطلب تہ تمام گهڻو چوپايو مال بہ هو.


ست ڏينهن تون بي خميري ماني کائج، ۽ ستين ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.


۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


تنهن کان پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجيءَ اُمت کي ڇڏ، تہ بيابان ۾ وڃي منهنجي لاءِ عيد ڪن.


تڏهن هنن چيو تہ عبرانين جو خدا اسان کي گڏيو آهي؛ اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ڇڏ، تہ ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃي، خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون، متان هو وبا يا ترار سان اسان تي اچي پوي.


خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي:


پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛


۽ ستين مهيني جي پندرهينءَ تاريخ اوهان جي پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ اوهين ڪوبہ محنت مزوريءَ جو ڪم نہ ڪجو، ۽ ست ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ڪجو:


اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ