Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 تڏهن فرعون جي عملدارن کيس چيو تہ ”هي شخص ڪيستائين اسان کي مصيبت ۾ پيو وجھندو رهندو؟ انهن ماڻهن کي ڇڏي ڏيو تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن. ڇا توهان کي اڃا تائين اها خبر نہ پئي آهي تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:7
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ماڻهن جي بڇڙائيءَ ڪري، آباد زمين کي ڪلر بنايو ڇڏي.


۽ مصرين انهن ماڻهن تي زور لاتو تہ جلد ملڪ مان نڪري وڃن، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسين سڀ مري وينداسين.


اُهي تنهنجي ملڪ ۾ نہ رهندا، متان توکي منهنجو گنهگار ڪن؛ ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهن جي معبودن جي عبادت ڪندين، تہ اهو ضرور تنهنجي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿيندو.


جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.


تڏهن جادوگرن فرعون کي چيو تہ هن ۾ خدا جو هٿ آهي: پر فرعون جي دل سخت ٿي وئي ۽ انهن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


خراب ماڻهوءَ جي ڏوهہ ۾ هڪڙو ڦانڌو آهي، پر سچو ڳائي ٿو ۽ خوشيون ڪري ٿو.


۽ مون موت کان بہ ڪَڙي شيءِ لڌي، يعني زال، جنهن جي دل ڦندا ۽ ڄار آهي، ۽ جنهن جا هٿ هٿڪڙيون آهن: جنهن مان خدا راضي هوندو سو ئي انهي کان بچي نڪرندو: پر گنهگار کي هوءَ وٺي ويندي.


تون دفن ٿي قبر ۾ هنن سان نہ وڃي گڏبين، ڇالاءِ جو تو پنهنجو ملڪ ناس ڪيو آهي، تو پنهنجي قوم ڪهي ڇڏي آهي؛ بدڪارن جي نسل جو ڪڏهن بہ نالو ورتو نہ ويندو.


اي خداوند جي ٻانهن، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اڳين ڏينهن ۽ قديم پيڙهين جي وقت وانگي جاڳ. تون اها ناهين ڇا جنهن مصر کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ ازدها کي ونڌي ڇڏيو.


موآب ناس ٿي ويو آهي؛ ان جي ننڍڙن ٻارن جي دانهن پئي ٻڌجي.


بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.


خداوند جي غضب جي ڏينهن هنن جو سون يا روپو هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ پر سڄي زمين کي هن جي غيرت جي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ڇالاءِ جو هو انهي ملڪ جي سڀني رهاڪن جي پڄاڻي، بلڪ خوفناڪ پڄاڻي ڪندو.


۽ اهو آئون اوهان جي فائدي لاءِ ٿو چوان، نہ انهي لاءِ تہ اوهان کي ڦاسايان، پر انهي لاءِ تہ جيئن مناسب آهي تيئن اوهين بنا ڪنهن رنڊڪ جي خداوند جي خدمت ۾ مشغول رهيو.


تہ پڪ ڄاڻجو تہ خداوند اوهان جو خدا وري ڪڏهن بہ انهن قومن کي اوهان جي اڳيان هڪالي نہ ڪڍندو؛ اُٽلندو اُهي اوهان جي لاءِ ڦاسي ۽ دام ٿيندا، ۽ اوهانجن پاسن ۾ آفت ٿيندا، ۽ اوهانجين اکين لاءِ ڪنڊا ٿيندا، ۽ نيٺ اُها عمدي زمين جا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني آهي، تنهن تان اوهين مري کپي ويندا.


۽ سائول چيو تہ آءٌ اها هن کي ڏيندس تہ ڀلي اها هن جي لاءِ هڪڙو ڦندو ٿئي، ۽ فلستين جو هٿ هن تي پوي. تنهنڪري سائول دائود کي چيو تہ تون اڄوڪي ڏينهن ٻيو ڀيرو منهنجو ناٺي ٿيندين.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي سڀ فلستين جا سردار گهرائي آڻي گڏ ڪيا، ۽ چيائون تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو، ڀلي تہ پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي وڃي، تہ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي: ڇالاءِ جو سڄي شهر ۾ موت مار پريشاني پئجي ويئي هئي؛ خدا جو هٿ اُتي تمام ڳرو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ