Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:6 - Sindhi Bible

6 ۽ تنهنجا گهر، ۽ تنهنجن سڀني نوڪرن جا گهر، ۽ سڀني مصرين جا گهر، انهن سان ڀرجي ويندا؛ اهڙا جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ انهن جي پيدا ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڏٺا هوندا. پوءِ هو ڦري فرعون وٽان هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تنهنجا محلات، تنهنجي سڀني عملدارن جا گھر ۽ سڀني مصرين جا گھر انهيءَ سان ڀرجي ويندا. اها اهڙي تہ خراب هوندي جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ نہ ڏٺي هوندي.‘“ ائين چئي موسيٰ فرعون کان منهن ڦيري موٽي هليو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو ائين نہ ٿيندو: هاڻي اوهين جي مرد ماڻهو آهيو، سي ڀلي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇالاءِ جو اوهان جي بہ اها ئي مرضي آهي. پوءِ هنن کي فرعون جي حضور مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


۽ مصر جي ملڪ ۾ اهڙو ماتم مچي ويندو، جهڙو نہ ڪڏهن اڳي ٿيو، نہ هن کان پوءِ ڪڏهن ٿيندو.


۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.


جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ آءٌ تو تي، تنهنجن نوڪرن تي، تنهنجيءَ رعيت تي، ۽ تنهنجن گهرن ۾ مکين جا ميڙ موڪليندس؛ پوءِ مصرين جا گهر، ۽ جنهن زمين تي اُهي رهن ٿا، سا سموري مکين سان ڀرجي ويندي.


۽ درياهہ ۾ ايترا ڏيڏر ٿي پوندا، جو اهي ٻاهر نڪري تنهنجي گهر ۾، تنهنجي آرام گاهہ ۾، تنهنجي هنڌ تي، تنهنجي نوڪرن جي گهرن ۾، تنهنجيءَ رعيت تي، تنهنجي تنورن ۾ ۽ تنهنجي اٽي ڳوهڻ جي ٿالهن ۾ ڪاهي پوندا؛


ڏس، سڀاڻي هن مهل ڌاري آءٌ تمام سخت ڳڙا وسائيندس جن جهڙا مصر ۾ سندس شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ پيا هوندا.


انهيءَ طرح ڳڙا وسڻ شروع ٿيا، ۽ ڳڙن سان گڏ باهہ بہ هئي؛ اهڙا ڳڙا جو مصر جي آباد ٿيڻ کان وٺي، ساري ملڪ ۾ اڳي ڪڏهن ڪين وسيا هئا.


اونداهيءَ ۽ انڌاري جو ڏينهن، بادل ۽ گُگهہ اونداهيءَ جو ڏينهن؛ جيئن پرهہ ڦٽي جبلن تي پکڙندي آهي، تيئن هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم، جنهن جهڙي نہ اڳي ڪڏهن ڪا ٿي آهي ۽ نہ وري هن کانپوءِ گهڻين پيڙهين تائين ڪڏهن ڪا ٿيندي، اچي ٿي.


هو شهر تي ٽپي اچن ٿا؛ هو ڀت تي ڊوڙن ٿا؛ هو مٿان چڙهي گهرن منجهہ اچن ٿا؛ هو چور وانگي يردن مان لنگهي اچن ٿا.


ايمان ئي جي ڪري هن بادشاهہ جي ڪاوڙ جي پرواهہ نہ ڪئي ۽ مصر ڇڏي ڏنائين: ۽ اهڙي طرح برداشت ڪيائين جو ڄڻ تہ اڻ ڏٺل کي ٿو ڏسي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ