Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




خروج 10:5 - Sindhi Bible

5 ۽ اهي زمين جي سطح اهڙي ڀري ڇڏيندا، جو ڪوبہ ماڻهو زمين ڏسي ڪين سگهندو؛ ۽ ڳڙن جي آفت کان جيڪي باقي بچيو آهي، سو اهي کائي ويندا، ۽ جيڪي بہ وڻ جهنگ ۾ اوهان جي لاءِ اُڀرن ٿا، سي سڀ کائي چٽ ڪري ڇڏيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اها ايتري تہ گھڻي هوندي جو زمين کي پوريءَ طرح ڍڪي ڇڏيندي. ماڪڙ اوهان جي هر اها شيءِ کائي ويندي جيڪا ڳڙن جي آفت کان بچي ويئي آهي. توهان جا اُهي وڻ جيڪي ٻنين ۾ اُڀريا آهن، تن سڀني کي بہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




خروج 10:5
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهير، تہ مصر جي ملڪ تي مڪڙ اچن، ۽ زمين تي جيڪو وڻ ٻوٽو ڳڙن کان بچيو آهي سو کائي وڃن.


ڇالاءِ جو انهن زمين جي سطح کي ڀري ڇڏيو، جنهنڪري زمين ڪاري ٿي ويئي، ۽ انهن زمين جا سڀ وڻ، ٻوٽا، ۽ وڻ جو ميوو، جو ڳڙن کان بچيو هو، سو کائي ڇڏيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ سائو وڻ يا ٻوٽو ڪونہ رهيو.


پر جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ ڏس، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ مڪڙ موڪليندس،


پر ڪڻڪ ۽ مڱ مارجي ڪين ويا، ڇالاءِ جو اهي اڃا وڌيا ئي ڪين هئا.)


تہ جيڪي تڏين بچايو آهي سو مڪڙن کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي مڪڙن ڇڏيو آهي سو سُري کاڌو آهي؛ ۽ جيڪي سُري ڇڏيو آهي سو سوٻٽن کاڌو آهي.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


هنن جي اڳيان باهہ کائيندي ٿي وڃي، ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو مچ پيو ٻري: زمين هنن جي اڳيان عدن جي باغ جهڙي آهي ۽ هنن جي پٺيان هڪڙو ويران بيابان آهي؛ هائو، ۽ ڪوبہ هنن کان ڀڄي نہ ڇُٽو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ